قومي اسيمبلي اجلاس ۾ هوائي اڏن تي دستاويز رکندڙ مسافرن کي سفر جي اجازت نه ڏيڻ جي جاچ لاءِ فوري قدمن وارو ٺهراءُ گڏيل طور منظور

اسلام آباد -13 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي مختلف هوائي اڏن تي دستاويز رکندڙ مسافرن کي سفر جي اجازت نه ڏيڻ وارن قدمن جي جاچ لاءِ فوري  قدم کڻڻ وارو ٺهراءُ گڏيل طور منظور ڪري ورتو آهي.   قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سيد آغا رفيع الله ان حوالي سان ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي ايوان گڏيل طور منظور ڪري …

اسلام آباد -13 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي مختلف هوائي اڏن تي دستاويز رکندڙ مسافرن کي سفر جي اجازت نه ڏيڻ وارن قدمن جي جاچ لاءِ فوري  قدم کڻڻ وارو ٺهراءُ گڏيل طور منظور ڪري ورتو آهي.   قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سيد آغا رفيع الله ان حوالي سان ٺهراءُ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري، اجازت ملڻ تي هن ٺهراءُ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي ايوان گڏيل طور منظور ڪري ورتو. ٺهراءَ جي متن ۾ چيو ويو آهي، ته هن ايوان جي راءِ آهي ته حڪومت مختلف هوائي اڏن تي دستاويز رکندڙ مسافرن کي سفر جي اجازت نه ڏيڻ جي جاچ لاءِ فوري قدم کڻي، مواصلاتي نظام کي بهتر بڻائيندي شفافيت، جوابدهي ۽ مسافرن جي حقن جو تحفظ يقيني بنائڻ لاءِ انتظامي سڌارن جي سفارش ڪري ته جيئن سفر جي اجازت نه ڏيڻ بابت لاڳاپيل سمورن فيصلن کي قانوني ۽ باقاعده دستاويزي صورت ڏئي سگهجي.

مزید خبریں