وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران بنون ۽ خيبر ۾ دهشتگرديءَ جا منصوبا ناڪام بنائڻ تي سي ٽي ڊي کي خراجِ تحسين پيش

اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پشاور جي ضلعن بنون ۽ خيبر ۾ دهشتگرديءَ جا منصوبا ناڪام بنائڻ تي سي ٽي ڊي کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزير 8 خوارجين کي مارڻ تي سي ٽي ڊي جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. گهرو وزير چيو ته سي ٽي ڊي جي جوانن ڪامياب آپريشنز ڪري 2 انتهائي گهربل ڪمانڊرز سميت 8 خوارجين کي …

اسلام آباد-12 جنوري (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي پشاور جي ضلعن بنون ۽ خيبر ۾ دهشتگرديءَ جا منصوبا ناڪام بنائڻ تي سي ٽي ڊي کي خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. گهرو وزير 8 خوارجين کي مارڻ تي سي ٽي ڊي جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. گهرو وزير چيو ته سي ٽي ڊي جي جوانن ڪامياب آپريشنز ڪري 2 انتهائي گهربل ڪمانڊرز سميت 8 خوارجين کي عبرتناڪ انجام تائين پهچايو. آپريشنز ۾ حصو وٺندڙ سي ٽي ڊي جي بهادر جوانن کي سلام پيش ڪريان ٿو، ڪي پي ڪي کي خوارجين کان پاڪ ڪرڻ ۾ سي ٽي ڊي جو ڪردار تعريف جوڳو آهي. ڪي پي ڪي ۾ امن جي قيام لاءِ فورسز جي ڪارروائين کي تحسين جي نگاهه سان ڏسون ٿا. هن چيو ته خوارجين جي مڪمل خاتمي تائين انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز جاري رهندا.

مزید خبریں