نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سعيدوف جو ٽيليفونڪ رابطو

اسلام آباد - 12 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سعيدوف ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ مضبوط ۽ تيزي سان وڌندڙ ٻطرفي لاڳاپن جي توثيق ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽  ازبڪستان جي وچ ۾ مضبوط ۽ تيزي سان وڌندڙ ٻطرفي لاڳاپن …

اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سعيدوف ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ مضبوط ۽ تيزي سان وڌندڙ ٻطرفي لاڳاپن جي توثيق ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽  ازبڪستان جي وچ ۾ مضبوط ۽ تيزي سان وڌندڙ ٻطرفي لاڳاپن جي توثيق ڪندي سياسي، اقتصادي ۽ ثقافتي شعبن ۾ رابطن جي رفتار برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڏنو جن ۾ اعليٰ سطحي قيادت جي گڏيل مٽاسٽا پڻ شامل آهي. ٻنهي اڳواڻن جاري قدمن تي عملدرآمد جي پيروي جي لاءِ ويجهو رابطو برقرار رکڻ ۽ تعاون جا نوان امڪان ڳولڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.

مزید خبریں