خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير سهيل آفريدي اڄ افغانستان جي ترجمان جي طور تي ڳالهائي رهيو آهي جيڪو انتهائي مذمت جوڳو ۽ شرمناڪ آهي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد - 12 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير سهيل آفريدي اڄ افغانستان جي ترجمان جي طور تي ڳالهائي رهيو آهي جيڪو انتهائي مذمت جوڳو ۽ شرمناڪ آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي …

اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير سهيل آفريدي اڄ افغانستان جي ترجمان جي طور تي ڳالهائي رهيو آهي جيڪو انتهائي مذمت جوڳو ۽ شرمناڪ آهي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پوري دنيا افغان طالبان رجيم پاران دهشتگردن جي پٺڀرائي جا ثبوت ڏٺا آهن ۽ افغانستان جي سرزمين جي دهشتگردي جي ڪاررواين جي لاءِ استعمال ٿيڻ جا ناقابل ترديد ثبوت پڻ موجود آهن. هن چيو ته سهيل آفريدي ڪوڙ ۽ منافقت جي انتها ڪري ڇڏي آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستاني قوم دهشتگردن جو مقابلو ڪندي بي پناهه قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته تحريڪ انتشار وارا جڏهن به وات کولين ٿا، دهشتگردن جي سهولتڪاري ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي ترقي فتنه الخوارج کي قابل قبول نه آهي، انهي لاءِ پاڪستان کي نشانو بڻايو وڃي ٿو، سهيل آفريدي کي هوش کان ڪم وٺڻ گهرجي.

مزید خبریں