اسلام آباد - 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني افرادي قوت کي عالمي سطح تي مقابلي لاءِ عالمي سرٽيفڪيشنز جي فراهمي کي خوش آئنده قرار ڏيندي نار ملڪن ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي کپت جي لاءِ پرڏيهي وزارت ۽ سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت کي قدم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي …
نار ملڪن ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي کپت لاءِ قدمن ۾ تيزي آندي وڃي: وزيراعظم شهباز شريف جو ملڪ ۾ پيشيواراڻي تربيت جي لاءِ نئين متعارف ڪرايل ايڪو سسٽم تي جائزه اجلاس کي خطاب

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستاني افرادي قوت کي عالمي سطح تي مقابلي لاءِ عالمي سرٽيفڪيشنز جي فراهمي کي خوش آئنده قرار ڏيندي نار ملڪن ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي کپت جي لاءِ پرڏيهي وزارت ۽ سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت کي قدم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ پيشيواراڻي تربيت جي نئين متعارف ڪرايل ايڪو سسٽم تي جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ نيوٽيڪ تحت جاري تربيتي پروگرامز جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف نيوٽيڪ جي تازي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ٽيڪنيڪي ۽ فني تربيتي پروگرامز جي نئين هدفن جو تعين ڪرڻ ۽ اپرينٽس شپ قانون تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پاڪستاني افرادي قوت کي عالمي سطح تي مقابلي جي لاءِ عالمي سرٽيفڪيشنز جي فراهمي کي خوش آئنده قرار ڏيندي هدايت ڪئي ته نار ملڪن ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي کپت جي لاءِ پرڏيهي وزارت ۽ سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت قدمن ۾ تيزي آڻين. هن چيو ته پاڪستاني نوجوان افرادي قوت صلاحيتن سان ڀرپور آهي، انهن جي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ نيوٽيڪ جي ذريعي هڪ تفصيلي پروگرام جي شروعات ڪئي. هن چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان نيوٽيڪ تحت ٽيڪنيڪي ۽ فني تربيتي پروگرامز جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. وزيراعظم نيوٽيڪ جي سمورن پارٽنر تربيتي ادارن ۾ تربيت هيٺ شاگردن ۽ استادن جي لاءِ بائيو ميٽرڪ نظام تحت حاضري جو نظام لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن صوبائي ادارن سان تعاون کي يقيني بڻائيندي نيوٽيڪ جي پروگرامز کي سگهه ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئي ته جيئن وڌ کان وڌ افرادي قوت کي تربيت فراهم ڪري سگهجي. وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي وڌيڪ گهرج وارن هنر جي حوالي سان نوجوانن کي عالمي سرٽيفڪيشن سان گڏ تربيت جي فراهمي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته نيوٽيڪ تحت جن ادارن جي ڪارڪردگي اطمينان جوڳي نه آهي، انهن جي ميمبرشپ معطل ڪري ڪارروائي ڪئي وڃي، نيوٽيڪ جي نظام جي مڪمل ڊيجيٽائيزيشن ۽ آن لائين مانيٽرنگ جي نظام کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي. اجلاس ۾ نيوٽيڪ سان گڏ ڪم ڪندڙ نجي شعبي جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيٽرز، صنعتي شعبي جي حصيدارن، پيشيواراڻي فرمز، چيمبرز آف ڪامرس جي نمائندن، ڪاروباري ايسوسيئيشنز جي نمائندن ۽ مصنوعي ذهانت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي شعبي جي ماهرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيوٽيڪ پاران وزيراعظم جي تفويض ڪيل تربيتي پروگرامز جا هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويو، نيوٽيڪ پنهنجي پيشيواراڻي تربيتي پروگرامز جي ٿرڊ پارٽي ويليديشن کي يقيني بڻائي رهي آهي جنهن ۾ تربيتي پروگرامز ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي بائيوميٽرڪ حاضري سان گڏوگڏ ٽرينرز جي اعليٰ معيار کي پڻ يقيني بڻايو پيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته نيوٽيڪ تحت پاڪستان جو پهريون اسڪل بيسڊ بانڊ جاري ڪيو ويو آهي جنهن تحت نجي شعبي کان پيشيواراڻي تربيت جي لاءِ نتيجن جي بنياد تي فنڊنگ ورتي ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته انفارميشن ٽيڪنالاجي، زراعت، فِن ٽيڪ، کاڻين جي کوٽائي، سياحت، اسپورٽس، هاسپٽيليٽي، چپ بلڊنگ سان گڏوگڏ عالمي سطح تي ڊيمانڊ جي لحاظ کان تربيتي پروگرامز هن وقت نيوٽيڪ تحت سڄي ملڪ ۾ جاري آهن. پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نيوٽيڪ جا ٽيڪنيڪي ۽ فني تربيت جا سمورا پروگرام انڊسٽري جي ضرورتن سان هم آهنگ ڪيا ويا آهن. ان مقصد جي لاءِ سڄي ملڪ مان 148 صنعتن کي پروگرامز ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ان کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ مدرسن ۾ پڻ تربيتي پروگرامز جاري ڪيا ويا آهن. اجلاس کي انهن پروگرامز ۾ ڪاميابي سان فارغ ٿيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين بابت پڻ ٻڌايو ويو. اجلاس کي انگن اکرن تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته گذريل سال نيوٽيڪ جي ذريعي 1 لک 46 هزار ماڻهن تربيت حاصل ڪئي جڏهن ته 15 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي عالمي سرٽيفڪيشنز فراهم ڪيون ويون. تڪامل جي ذريعي 3 لک کان وڌيڪ ماڻهن تربيت حاصل ڪئي جڏهن ته 2 لک 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهو سعودي عرب ۾ ان نظام جي ذريعي روزگار سان لڳا. ان سان گڏوگڏ 350 کان وڌيڪ ادارن جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ انهن کي نيوٽيڪ پاران عالمي سطح جي تربيت فراهم ڪرڻ جو لائيسنس فراهم ڪيو ويو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي صنعتن جي حساب سان پيشيواراڻي تربيت جو پائليٽ پراجيڪٽ جاري ڪرڻ کانسواءِ 2600 نئين ادارن جي رجسٽريشن ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تربيت فراهم ڪندڙ ادارن کي ادائيگي جي لاءِ نتيجن کي نظر ۾ رکيو وڃي ٿو. اجلاس کي گوگل، مائيڪروسافٽ ۽ ٻين عالمي سرٽيفڪيشن ادارن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي وزيراعظم پاران نيوٽيڪ کي تفويض ڪيل سمورن هدفن کي حاصل ڪرڻ بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم نيوٽيڪ جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪندي مستقبل جي لاءِ وڌيڪ بهتري جي حوالي سان نئين هدفن جو تعين ڪرڻ جي هدايت ڪئي.











