پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ 5 ڏينهن واري سائبر صلاحيت سازي ۽ پاليسي تربيتي پروگرام جو افتتاح ڪري ڇڏيو

اسلام آباد - 12 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ 5 ڏينهن واري سائبر صلاحيت سازي ۽ پاليسي تربيتي پروگرام جو افتتاح ڪيو. اهو پروگرام گڏيل قومن جي هٿيارن جي خاتمي بابت اداري جي حصيداري ۽ گلوبل افيئرز ڪئناڊا جي معاونت سان منعقد ڪيو پيو وڃي جنهن جو مقصد اڀرندڙ سائبر خطرن ۽ سائبر اسپيس  حڪمراني جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ …

اسلام آباد – 12 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ 5 ڏينهن واري سائبر صلاحيت سازي ۽ پاليسي تربيتي پروگرام جو افتتاح ڪيو. اهو پروگرام گڏيل قومن جي هٿيارن جي خاتمي بابت اداري جي حصيداري ۽ گلوبل افيئرز ڪئناڊا جي معاونت سان منعقد ڪيو پيو وڃي جنهن جو مقصد اڀرندڙ سائبر خطرن ۽ سائبر اسپيس  حڪمراني جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قومي صلاحيتن کي مضبوط بڻائڻ آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب افتتاحي سيشن کي اهم خطاب ڪندي پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ قومي استحڪام، عالمي امن ۽  سلامتي ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ سائبر سيڪيورٽي جي وڌندڙ اهميت کي اجاگر ڪيو. هن معلومات ۽ مواصلات جي ٽيڪنالاجي (آءِ سي ٽي) جي سيڪيورٽي بابت گهڻ رخي عمل ۾ پاڪستان جي فعال ڪردار تي روشني وڌي، خاص طور تي سائبر اسپيس ۾ رياستن جي ذميواراڻي رويي جي لاءِ گڏيل قومن جي فريم ورڪ جي ڏس ۾ جنهن ۾ عالمي قانون، رضاڪاراڻا اصول، اعتماد سازي جا قدم ۽ صلاحيت سازي جا قدم شامل آهن. هن زور ڏنو ته گڏيل سائبر چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ جامع عالمي تعاون لازمي آهي. افتتاحي اجلاس ۾ ٻين خطاب ڪندڙن ۾ رابن گائس (ڊائريڪٽر يو اين آءِ ڊي آءِ آر)، پاڪستان ۾ ڪئناڊا جو هاءِ ڪمشنر طارق علي خان ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جو ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحييٰ شامل هئا. خطاب ڪندڙن سائبر شعبي ۾ عالمي تعاون ۽ صلاحيت سازي جي اهميت تي زور ڏنو ۽ پاليسي تي ٻڌل تربيت ۽ عملي مشقن جي افاديت کي اجاگر ڪيو جيڪي رياستن جي سائبر خطرن خاص طور تي اهم انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائيندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت کي بهتر بڻائين ٿيون. اهو پروگرام لاڳاپيل قومي ادارن سان تعلق رکندڙ پاليسي سازن، ٽيڪنيڪي ماهرن ۽ تعليمي ماهرن کي گڏ ڪري ٿو ۽ ان ۾ ماهرن جي قيادت هيٺ سيشنز، منظرنامه جاتي مباحثا ۽ ٽيبل ٽاپ مشقون شامل آهن جن ۾ سائبر خطرن، اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز، سائبر ڪرائيم، واقعه جاتي ردعمل ۽ عالمي تعاون جي فريم ورڪس جو احاطو ڪيو ويو آهي. يو اين آءِ ڊي آءِ آر پاڪستان سائبر صلاحيت سازي ۽ پاليسي تربيتي پروگرام 12 کان 16 جنوري 2026ع تائين اسلام آباد ۾ منعقد ٿي رهيو آهي ۽ ان کي يو اين آءِ ڊي آءِ آر پرڏيهي وزارت پاڪستان سان ويجهي تعاون سان ٺوس ڪري رهيو آهي.

مزید خبریں