اسلام آباد -12 جنوري (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان يونيورسٽي آف لنڊن جي پرو وائيس چانسلر (تعليم) پروفيسر فلپ آل مينڊنگر جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ قانوني تعليم جي شعبي ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي وٺائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ يونيورسٽي آف لنڊن جي علائقائي مشير سعد …
قانون واري وفاقي وزير سان يونيورسٽي آف لنڊن جي وفد جي ملاقات، قانوني تعليم ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق

مزید خبریں
اسلام آباد -12 جنوري (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان يونيورسٽي آف لنڊن جي پرو وائيس چانسلر (تعليم) پروفيسر فلپ آل مينڊنگر جي قيادت ۾ هڪ وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ قانوني تعليم جي شعبي ۾ گڏيل سهڪار کي هٿي وٺائڻ تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ يونيورسٽي آف لنڊن جي علائقائي مشير سعد وسيم ۽ ڊائريڪٽوريٽ آف ليگل ايجوڪيشن جي ڊائريڪٽر بئريسٽر اسامه ملڪ به شريڪ هئا. ڳالهين جو محور عالمي تعليمي ادارن ۽ مقامي يونيورسٽين وچ ۾ گڏيل ۽ حصيداري تي ٻڌل تعليمي پروگرامن ذريعي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ هو. وفاقي وزير ان موقعي تي چيو ته اهڙي تعليمي حصيداري سان نه رڳو قانوني تعليم جي معيار ۾ بهتري ايندي پر پائيدار آمدني جا موقعا به پيدا ٿيندا ۽ شاگردن کي عالمي سطح تي مڃيل ڊگرين تائين بهتر پهچ حاصل ٿيندي. هن ڪيمپس ۾ تعليمي سرگرمين سان گڏ فاصلاتي تعليم جي ڳانڍاپي کي اڻٽر قرار ڏنو ته جيئن شاگرد مقامي قانوني فريم ورڪ اندر اثرائتي طور پريڪٽس جي قابل ٿي سگهن. بئريسٽر اسامه ملڪ قانون واري وزير کي آگاهه ڪيو ته ڊائريڪٽوريٽ آف ليگل ايجوڪيشن جي مشاورت سان پاڪستاني لا ماڊيول کي يونيورسٽي آف لنڊن جي ايل ايل بي (آنرز) جي نصاب ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، جنهن جا پاڪستان ۾ يونيورسٽي آف لنڊن جي قانون گريجوئيٽس جي پيشيواراني صلاحيتن تي ڏور رس هاڪاري اثر پوندا. ملاقات ۾ فيڪلٽي ڊولپمينٽ ۽ صلاحيت سازي، فيڪلٽي ايڪسچينج ۽ تربيتي پروگرامز سميت ٻيا معاملا به بحث هيٺ آيا. پروفيسر فلپ آل مينڊنگر تعميري ڳالهين تي ٿورو مڃيو، جڏهن ته وفاقي وزير بامعنيٰ ۽ ڊگهي مدي واري تعليمي حصيداري کي هٿي وٺائڻ لاءِ پاڪستان جي ڀرپور حمايت ۽ سهڪار جي خاطري ڪرائي.











