اسلام آباد -12 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت حج 2026ع جي پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي چيو آهي، ته پنهنجي حج اڏام کان هڪ هفتو اڳ پاڪستان پهچي حاجي ڪيمپ مان تربيت ضرور حاصل ڪن. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته جن سمنڊ پار پاڪستانين کي حج 2026ع جي سعادت حاصل ڪرڻي آهي، انهن کي گهرجي ته پاڪ …
پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني حج پانڌيئڙا پنهنجي حج اڏام کان هڪ هفتو پهرين پاڪستان پهچي حاجي ڪيمپ مان تربيت حاصل ڪن: مذهبي معاملن واري وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد -12 جنوري (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت حج 2026ع جي پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي چيو آهي، ته پنهنجي حج اڏام کان هڪ هفتو اڳ پاڪستان پهچي حاجي ڪيمپ مان تربيت ضرور حاصل ڪن. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته جن سمنڊ پار پاڪستانين کي حج 2026ع جي سعادت حاصل ڪرڻي آهي، انهن کي گهرجي ته پاڪ حج ايپ ۽ ويب سائيٽ تي موجود تفصيل ۽ پريزنٽيشن جو مطالعو ڪن ته جيئن حج جي حوالي سان جاري قدمن ۽ سرگرمين بابت آگاهي حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني حج پانڌيئڙن کي گهرجي ته هو پنهنجي حج اڏام کان هڪ هفتو اڳ پاڪستان پهچي حاجي ڪيمپ مان ضروري تربيت حاصل ڪن ڇاڪاڻ ته اها لازمي گهرج آهي.











