جده-11 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وفاقي جمهوريه صوماليه جي خودمختياري، وحدت ۽ علائقائي سلامتي لاءِ پاڪستان جي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪندي صومالي لينڊ کي اسرائيل پاران غيرقانوني ۽ ناجائز طور تي تسليم ڪرڻ ۽ اسرائيلي پرڏيهي وزير جي بنا سبب ۽ چڙ ڏياريندڙ صومالي لينڊ جي دوري جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي، ته ڪنهن به خودمختيار رياست جي لازمي …
ڪنهن خودمختيار رياست جي لازمي حصي کي تسليم ڪرڻ ڪو سفارتي عمل نه پر رياستي جارحيت آهي: نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار

مزید خبریں
جده-11 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار وفاقي جمهوريه صوماليه جي خودمختياري، وحدت ۽ علائقائي سلامتي لاءِ پاڪستان جي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪندي صومالي لينڊ کي اسرائيل پاران غيرقانوني ۽ ناجائز طور تي تسليم ڪرڻ ۽ اسرائيلي پرڏيهي وزير جي بنا سبب ۽ چڙ ڏياريندڙ صومالي لينڊ جي دوري جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي، ته ڪنهن به خودمختيار رياست جي لازمي حصي کي تسليم ڪرڻ ڪو سفارتي عمل نه پر هڪ جارحيت آهي، اسرائيلي قدم صوماليه جي عالمي طور تسليم ڪيل سرحدن تي سڌي ريت حملو آهن، عالمي برادري هڪ آواز بڻجي صوماليه جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي کي نقصان پهچائيندڙ سمورن قدمن کي رد ڪري، ڄمون ڪشمير جو مسئلو ڏکڻ ايشيا ۾ تڪرار جو بنيادي سبب ۽ ايٽمي فليش پوائنٽ آهي. گڏيل قومن جي نگراني ۾ ان تڪرار جي منصفاڻي، ڊگهي ۽ پرامن حل لاءِ فوري ۽ گڏيل ڪوششن جي سخت ضرورت آهي. هتي او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي غيرمعمولي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته سڀ کان اڳ جمهوريه ترڪيه جو او آءِ سي ڪائونسل آف فارن منسٽرز جي چيئرمين جي حيثيت سان سعودي عرب ۽ وفاقي جمهوريه صوماليه جو دل سان شڪريو ادا ڪيان ٿو. هن چيو ته اسرائيل جو غيرقانوني قدم يعني هٿ ٺوڪي صومالي لينڊ کي هڪ آزاد رياست تسليم ڪرڻ واري عمل سان پيدا ٿيل خطرن تي غور لاءِ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو غير معمولي اجلاس وقت تي منعقد ڪرڻ جو اهم قدم کنيو ويو. سعودي عرب جي قيادت، خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود، ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود جي دانشمنداڻي قيادت سبب او آءِ سي ۽ امت کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ انهن جي مسلسل حمايت تي به شڪريو ادا ڪيان ٿو. اسان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ ۽ سندس ٽيم جا به ٿورائتا آهيون جن هنگامي اجلاس جي تياري نهايت محنت ۽ مهارت سان ڪئي. اسحاق ڊار چيو ته هو وفاقي جمهوريه صوماليه جي خودمختياري، وحدت ۽ علائقائي سلامتي لاءِ پاڪستان جي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو، اسان صوماليه جي وفاقي جمهوريه جي علائقي صومالي لينڊ کي اسرائيل پاران غيرقانوني ۽ ناجائز طور تسليم ڪرڻ ۽ ان کان پوءِ اسرائيل جي پرڏيهي وزير جي بنا جواز ۽ چڙ ڏياريندڙ صومالي لينڊ جي دوري جي سخت مذمت ڪيون ٿا. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ ان معاملي تي ٿيل بريفنگ دوران پڻ صوماليه جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو ۽ اسرائيل جي قدمن جي مذمت ڪئي. اسان ان اڳڀرائي کي صوماليه جي عالمي طور تي تسليم ٿيل سرحدن تي سڌي ريت حملو قرار ڏيون ٿا، جيڪا عالمي قانون جي سخت ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته صومالي لينڊ جو علائقو صوماليه جو هڪ لازمي ۽ ورهائڻ نه جوڳو حصو آهي، ڪنهن به پرڏيهي ڌر کي ان بنيادي حقيقت کي تبديل ڪرڻ جو ڪو قانوني ۽ اخلاقي اختيار ناهي. هن چيو ته ڪنهن خودمختيار رياست جي لازمي حصي کي تسليم ڪرڻ ڪو سفارتي عمل ناهي، پر هڪ سياسي جارحيت آهي جنهن سان هڪ خطرناڪ نظريو قائم ٿئي ٿو ۽ جنهن سان آفريقا، احمر سمنڊ جي خطي ۽ ان کان اڳيان امن ۽ سلامتي کي خطرا لاڳو ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته پاڪستان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن سان گڏجي اسرائيل جي ان غيرقانوني قدم کي رد ڪري ٿو، جنهن جو اظهار جاري ٿيل گڏيل بيان ۾ ڪيو ويو آهي. ان گڏيل بيان ۾ رياستن جي حصن کي تسليم ڪرڻ کي عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي منشور جي بنيادي اصولن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو ويو آهي ۽ ان قدم کي آفريقا، احمر سمنڊ جي خطي ۽ گڏيل عالمي سلامتي تي سنگين اثرن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. او آءِ سي ۽ عالمي برادري پاران اسرائيل جي ان غيرقانوني قدم کي سختي سان رد ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن اهو گستاخي وارو قدم ٻين ملڪن لاءِ مثال بڻجي سگهي. هن چيو ته آفريقا جي خطي ۾ موجوده ڳڻتي واري صورتحال هن وقت وڌيڪ فڪر جوڳي آهي، جڏهن صوماليه پنهنجو سياسي ۽ اداري جاتي رخ حوصلو ڏيندڙ ۽ ٺوس اڳڀرائي جو مظاهرو ڪري رهيو آهي، وفاقي جمهوريه صوماليه قومي مفاهمت، آئيني سڌارن ۽ رياستي ادارن جي بحالي ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. مالياتي شعبي ۾ هاڪاري لاڙا خاص ڪري اقتصادي قانونسازي جون ڪوششون ۽ هڪ فرد هڪ ووٽ تي ٻڌل جامع چونڊ طرف اڳڀرائي صومالي جمهوريت ۽ استحڪام کي مضبوط بڻائڻ طرف هڪ قدم آهي، اهي ڪاميابيون صوماليه جي عوام جي ملڪيت ۽ قيادت ۾ هلندڙ سياسي مفاهمت ۽ سهڪار جي سفر جي عڪاسي ڪن ٿيون، ان هاڪاري اڳڀرائي جو تحفظ ۽ استحڪام ضروري آهي، نه ڪي اهڙن قدمن ذريعي ان کي نقصان پهچايو وڃي جيڪي ملڪ کي ورهائڻ ۽ حاصل ٿيل اڳڀرائي کي نقصان پهچائڻ جو سبب بڻجن. هن چيو ته پاڪستان القاعده سان واڳيل دهشتگرد تنظيم الشباب ۽ ان جي اتحادين جي مستقل خطري جي ڀيٽ ۾ صومالي عوام ۽ سندن سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي تسليم ڪري ٿو. اسرائيل جي غير ذميواري واري حرڪت خطي ۾ دهشتگردي خلاف علائقائي ۽ عالمي ڪوششن کي ڪمزور ڪري ٿي ۽ اهڙيون نازڪ حالتون پيدا ڪري ٿي جيڪي انتهاپسند گروپن لاءِ سازگار ثابت ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان او آءِ سي جي ان اپيل سان اتفاق ڪري ٿو ته سموريون رياستون ۽ ادارا صومالي لينڊ جي اختيارين سان ڪنهن به قسم جي رسمي، نيم رسمي يا غير رسمي رابطن کان پاسو ڪن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته ڪنهن به سطح تي ٿيندڙ رابطا صوماليه جي خودمختياري ۽ وحدت جو مڪمل احترام ڪندا. هن چيو ته پاڪستان فلسطينين جي زبردستي بي دخلي بابت ڪنهن به تجويز يا منصوبي ۽ صوماليه جي وفاقي جمهوريه جي علائقي صومالي لينڊ کي ڪنهن اهڙي غير قانوني قدم سان جوڙڻ جي سختي سان مذمت ڪري ٿو. فلسطينين جي لڏپلاڻ يا جبري آبادڪاري جي حمايت ڪندڙ ڪو به عمل نه رڳو عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي پر خطي ۾ منصفاڻي ۽ ڊگهي مدي واري امن جي امڪانن کي به نقصان پهچائي ٿو. اسان فلسطيني عوام جي خوداراديت واري حق جي جائز جدوجهد لاءِ پنهنجي پختي حمايت جو ورجاءُ ڪيون ٿا. پائيدار امن ۽ استحڪام جو واحد رستو 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جو قيام آهي، جنهن جي گادي جو هنڌ القدس الشريف هجي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ 2803 ۽ غزه تڪرار جي خاتمي جي جامع منصوبي جي پهرين حامي طور پاڪستان ان جي اثرائتي طور لاڳو ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو، ته جيئن جنگ بندي کي پائيدار بڻائي سگهجي ۽ غزه ۾ جنگ جو خاتمو هجي، فلسطيني عوام کي باوقار زندگي ميسر ٿئي، جن ڊگهي انساني الميي کي منهن ڏنو آهي ۽ فلسطين جي خوداراديت واري حق ۽ رياست جي قيام طرف هڪ بهترين رستو هموار ٿئي. سلامتي ڪائونسل جي غير مستقل ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان او آءِ سي ۽ عرب ڀائيوارن سان گڏجي فلسطين جي خوداراديت واري حق ۽ انصاف ۽ امن لاءِ عالمي حمايت کي سرگرم ڪندو رهندو. هن چيو ته ڄمون ڪشمير جو حل طلب تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ تڪرار جو بنيادي سبب ۽ هڪ ايٽمي فليش پوائنٽ آهي. گڏيل قومن جي نگراني ۾ ان تڪرار جي منصفاڻي، ديرپا ۽ پرامن حل لاءِ فوري طور تي گڏيل ڪوششن جي سخت ضرورت آهي، جتي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب هجي. اسان او آءِ سي پاران ڪشميري ڀينرن، ڀائرن جي لاڳاتار، مضبوط ۽ پختي حمايت جي تعريف ڪيون ٿا، جڏهن ته او آءِ سي تي زور ڀريون ٿا ته هو ڄمون ڪشمير جي مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ تيزي آڻي. هن چيو ته پاڪستان او آءِ سي ۽ وسيع تر عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته هو هڪ اواز ٿي صوماليه جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي کي نقصان پهچائڻ وارن سمورن قدمن کي رد ڪري. هن چيو ته اهو اجلاس صوماليه سان اسان جي اجتماعي يڪجهتي جو واضح اظهار آهي، جيڪو هن جي خودمختياري خلاف هڪ غير ذميوار ڌر جي کليل ڀڃڪڙي جي مقابلي ۾ سامهون آيو آهي. هن چيو ته پاڪستان صوماليه جي حڪومت ۽ عوام سان ڀرپور يڪجهتي ۽ حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو.











