صدر مملڪت آصف علي زرداري پاران گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ قيمتي حياتيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري اسلام آباد ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ قيمتي انساني حياتيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر مملڪت ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. صدر چيو ته هي …

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري اسلام آباد ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ قيمتي انساني حياتيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر مملڪت ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. صدر چيو ته هي سانحو نهايت افسوسناڪ ۽ دل ڏکوئيندڙ آهي، قوم سوڳوار خاندانن جي ڏک ۾ به برابر جي شريڪ آهي. هن هدايت ڪئي ته لاڳاپيل ريگوليٽرز گئس سلينڊرز جي تياري، معيار ۽ استعمال بابت حفاظتي ضابطن تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻاين. هن صوبائي حڪومتن ۽ اسلام آباد انتظاميه کي هدايت ڪئي ته گئس سلينڊرز جي محفوظ استعمال بابت عوامي آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي. صدر چيو ته قيمتي انساني حياتين جو تحفظ رياست جي اولين ذميواري آهي، اهڙن سانحن جي روڪٿام لاءِ موثر قدم ضروري آهن.

مزید خبریں