وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران اسلام آباد ۾ سلينڊر حادثي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار

لاهور -11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جي، سيڪٽر جي سيون ٽو واري علائقي ۾ سلينڊر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم، صحت واري وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري  سميت پمز انتظاميه کي الرٽ رهڻ ۽ زخمين جي مڪمل صحتيابي تائين هر ممڪن …

لاهور -11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد جي، سيڪٽر جي سيون ٽو واري علائقي ۾ سلينڊر ڦاٽڻ جي نتيجي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم، صحت واري وفاقي وزير ۽ سيڪريٽري  سميت پمز انتظاميه کي الرٽ رهڻ ۽ زخمين جي مڪمل صحتيابي تائين هر ممڪن طبي امداد ۽ سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائن جي هدايت ڪئي آهي. هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. وزيراعظم گهرو سيڪريٽري کي واقعي جي مڪمل جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم واقعي ۾ فوت ٿي ويلن جي مغفرت جي دعا ڪندي انهن جي پونئرن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اسلام آباد انتظاميه کي سلينڊر جي استعمال ۾ حفاظتي اپائن جي حوالي سان شهرين کي آگاهي فراهم ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي.

مزید خبریں