قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران گئس سلينڊر ڌماڪي جي افسوسناڪ واقعي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، سيڪٽر جي سيون اسلام آباد ۾ گئس سلنڊر ڌماڪي جي افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شادي جي موقعي تي گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ جي خبر ٻڌي دل ڏکويل آهي. قومي اسيمبلي سيڪرٽريٽ جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف ميڊيا مان جاري بيان ۾ اسپيڪر سردار …

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، سيڪٽر جي سيون اسلام آباد ۾ گئس سلنڊر ڌماڪي جي افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شادي جي موقعي تي گئس سلينڊر ڌماڪي ۾ قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ جي خبر ٻڌي دل ڏکويل آهي. قومي اسيمبلي سيڪرٽريٽ جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف ميڊيا مان جاري بيان ۾ اسپيڪر سردار اياز صادق، افسوسناڪ واقعي ۾ فوتين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ متاثر خاندانن سان گڏ بيٺل آهيان. سردار اياز صادق چيو ته گئس سلينڊر ڌماڪن جا وڌندڙ واقعا نهايت ڳڻتي جوڳا آهن. هن، گئس سلينڊرز جي غير محفوظ استعمال خلاف سخت قدم کڻن جي ضرورت تي زور ڀريو ۽ هدايت ڪئي ته لاڳاپيل ادارا گئس سلينڊرن جي وڪري ۽ استعمال سان لاڳاپيل حفاظتي ضابطن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائين. اسپيڪر فوتين جي پوئينرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

مزید خبریں