اسلام آباد ۾ گيس سلينڊر ڌماڪو، 8 ڄڻا فوت، 11 زخمي ٿي پيا

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنرل اسلام آباد صاحبزاده محمد يوسف ٻڌايو آهي ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي سيڪٽر جي سيون ٽو جي عمارت ۾ گيس سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت جڏهن ته 11 زخمي ٿي پيا آهن. ڪيپيٽل ايمرجنسي سروسز جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر عبدالرحمان مطابق گيس سلينڊر جي ڌماڪي سبب عمارت ڊهي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 8 …

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنرل اسلام آباد صاحبزاده محمد يوسف ٻڌايو آهي ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي سيڪٽر جي سيون ٽو جي عمارت ۾ گيس سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت جڏهن ته 11 زخمي ٿي پيا آهن. ڪيپيٽل ايمرجنسي سروسز جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر عبدالرحمان مطابق گيس سلينڊر جي ڌماڪي سبب عمارت ڊهي پئي جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا فوت جڏهن ته 11 زخمي ٿي پيا. تفصيل مطابق ڌماڪي سبب هڪ نئون شادي شده جوڙو به ٿڏي تي فوت ٿي ويو. امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروائيون شروع ڪري ڇڏيون ۽ زخمين کي علاج لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اي ڊي سي جي چيو آهي ته ڌماڪي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ جاري آهي، ڌماڪو گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب ٿيو  آهي يا گئس جي ليڪيج سبب اهو معلوم ڪيو پيو وڃي.

مزید خبریں