اسلام  آباد جي سيڪٽر جي سيون ٽو ۾ سلينڊر ڌماڪي سبب ڪيترائي گهر متاثر، ڪنوار ۽ گهوٽ سميت 8 ڄڻا فوت، 11 زخمي

اسلام آباد -11 جنوري (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي، سيڪٽر جي سيون ٽو ۾ سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترائي گهر متاثر ٿيا، جڏهن ته ڪنوار گهوٽ سميت 8 ماڻهو فوت ۽ 9 زخمي ٿي پيا آهن. اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر جي هدايتن تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنرل صاحبزاده محمد يوسف موقعي تي پهتو ۽ ان حوالي سان سندس چوڻ هو ته ڌماڪي جي …

اسلام آباد -11 جنوري (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي، سيڪٽر جي سيون ٽو ۾ سلينڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترائي گهر متاثر ٿيا، جڏهن ته ڪنوار گهوٽ سميت 8 ماڻهو فوت ۽ 9 زخمي ٿي پيا آهن. اسلام آباد جي ڊپٽي ڪمشنر جي هدايتن تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنرل صاحبزاده محمد يوسف موقعي تي پهتو ۽ ان حوالي سان سندس چوڻ هو ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترائي گهر متاثر ٿيا آهن ۽ گڏيل طور تي متاثر گهرن مان 19 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي، جن مان 11 ڄڻا زخمي آهن، جڏهن ته 8 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. هن ٻڌايو ته زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، واقعي کان پوءِ پمز اسپتال جي انتظاميه کي الرٽ ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ريسڪيو آپريشن مڪمل ٿيڻ کان پوءِ سلينڊر ڌماڪي جو سبب معلوم ٿي سگهندو. هن چيو ته سلينڊر جو ڌماڪو شادي واري گهر ۾ ٿيو، جتي مهمان پڻ موجود هئا. ڌماڪي سبب فوت ٿي ويلن ۾ ڪنوار ۽ گهوٽ پڻ شامل آهن. ريسڪيو آپريشن کان پوءِ ملبي هيٺان  دٻيل سمورن ماڻهن کي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي، نائين يونٽ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان ملبي جي چيڪنگ جاري آهي. ڌماڪي جا سبب معلوم ڪرڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

مزید خبریں