وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران سيڪٽر جي سيون ٽو ۾ گيس سلينڊر جي ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير  محسن نقوي گادي واري شهر اسلام آباد جي، سيڪٽر جي سيون ٽو ۾ گيس سلينڊر جي ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويلن جي ڪٽنبن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب محسن نقوي انتظاميه کي هدايت ڪئي آهي ته ڌماڪي ۾ ٿيل زخمين …

اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير  محسن نقوي گادي واري شهر اسلام آباد جي، سيڪٽر جي سيون ٽو ۾ گيس سلينڊر جي ڌماڪي ۾ قيمتي جانين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويلن جي ڪٽنبن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب محسن نقوي انتظاميه کي هدايت ڪئي آهي ته ڌماڪي ۾ ٿيل زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن افسوس جوڳي واقعي جي جاچ  جو حڪم ڏيندي چيو ته اسان فوت ٿي ويلن جي ڪٽنبن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

مزید خبریں