اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اسلام آباد جي سيڪٽر جي سيون ۾ شادي جي تقريب دوران گيس سلينڊر ڌماڪي جي واقعي ۾ قيمتي جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ان افسوسناڪ حادثي جي نتيجي ۾ نئي شادي شده جوڙي سميت 8 ڄڻا فوت ٿيا، جنهن تي سڄي علائقي ۾ سوڳ پکڙجي ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ طرفان جاري …
سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران اسلام آباد ۾ گيس سلينڊر ڌماڪي ۾ قيمتي جاني نقصان تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-11 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اسلام آباد جي سيڪٽر جي سيون ۾ شادي جي تقريب دوران گيس سلينڊر ڌماڪي جي واقعي ۾ قيمتي جاني نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ان افسوسناڪ حادثي جي نتيجي ۾ نئي شادي شده جوڙي سميت 8 ڄڻا فوت ٿيا، جنهن تي سڄي علائقي ۾ سوڳ پکڙجي ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊيا ڊائريڪٽوريٽ طرفان جاري بيان ۾ سينيٽ چيئرمين قيمتي انساني جانين جي زيان تي ڏک جو اظهار ڪندي فوتين جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ انهن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن چيو ته اهو انتهائي دل ڏکوئيندڙ واقعو آهي، جنهن ڪيترن ئي خاندانن جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ڪري ڇڏيون آهن. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته گئس سلينڊر ڌماڪن جا واقعا انتهائي ڳڻتي جوڳا آهن، جنهن سبب معصوم شهرين کي جاني ۽ مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. اهڙا واقعا ان ڳالهه جي تقاضا ڪري رهيا آهن، ته لاڳاپيل ادارا پنهنجون ذميواريون سنجيدگي سان نڀائين ۽ حفاظتي قدمن کي يقيني بڻائين. سينيٽ چيئرمين زور ڀريو ته گئس سلينڊر جي غير محفوظ استعمال ۽ ناقص انتظامن جي روڪٿام لاءِ اثرائتي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، قانون تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي ۽ عوام ۾ حفاظتي شعور اجاگر ڪيو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙن قسمن جي حادثن کان بچي سگهجي.











