خيبر پختونخوا  انتظاميه کي سياسي ايجنڊائن کان وڌيڪ ماڻهن جي تحفظ، سلامتي، تعليم، صحت ۽ ڀلائي کي ترجيح ڏيڻ گهرجي: وفاقي وزير محمد حنيف عباسي

اسلام آباد -11 جنوري (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ملڪ جي ڀلائي تي ذاتي اقتدار کي ترجيح ڏيڻ تي، پي ٽي آءِ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي، ته پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت خيبر پختونخوا جي رهواسين جي جان، مال ۽ عزت کي غير محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ انٽرويو دوران وفاقي وزير ڪي پي ڪي حڪومت تي عوام جي تحفظ …

اسلام آباد -11 جنوري (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي ملڪ جي ڀلائي تي ذاتي اقتدار کي ترجيح ڏيڻ تي، پي ٽي آءِ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي، ته پي ٽي آءِ جي صوبائي حڪومت خيبر پختونخوا جي رهواسين جي جان، مال ۽ عزت کي غير محفوظ بڻائي ڇڏيو آهي. پنهنجي هڪ انٽرويو دوران وفاقي وزير ڪي پي ڪي حڪومت تي عوام جي تحفظ ۾ ناڪامي ۽ صوبي ۾ دهشتگردن کي سهولت فراهم ڪرڻ جو الزام لڳايو آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي جا ماڻهو غير محفوظ آهن، سندن جان، مال ۽ عزت غير محفوظ آهي، جيڪا صوبائي حڪومت جي بنيادي ذميواري آهي. هن امن امان جي بحالي ۽ هر سطح تي احتساب کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري ڪارروائي ته به زور ڀريو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن رمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ ۾ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ڪو به ناهي، ليڊر هئڻ جي دعويٰ ڪندڙ سنجيده ناهن ۽ ڪيترائي پارٽي جا حقيقي ميمبر به ناهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسلام آباد ۾ وڌيڪ وڻ لڳائڻ جي حمايت جو اظهار ڪيان ٿو. هن وقت تائين لڳايل وڻن جو تعداد ناڪافي آهي، سڄي شهر ۾ وڏي پئماني تي وڻ لڳائڻ جي مهم هلائي وڃي.

مزید خبریں