اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خيبرپختونخوا جي عوام جي مسئلن جي سڄي خبر آهي ۽ وفاقي حڪومت پنهنجي دائره اختيار اندر انهن مسئلن جي پائيدار حل لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خيبرپختونخوا سان تعلق رکندڙ عوامي نمائندن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ …
خيبرپختونخوا جي عوام جي مسئلن جي خبر آهي، وفاقي حڪومت پنهنجي دائره اختيار اندر ان جي پائيدار حل لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته خيبرپختونخوا جي عوام جي مسئلن جي سڄي خبر آهي ۽ وفاقي حڪومت پنهنجي دائره اختيار اندر انهن مسئلن جي پائيدار حل لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان خيبرپختونخوا سان تعلق رکندڙ عوامي نمائندن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ صوبي جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ عوام کي درپيش مسئلن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ عوامي ڀلائي ۽ ترقي، ترقياتي منصوبن ۽ گورننس بابت معاملا به بحث هيٺ آيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اسان کي خيبرپختونخوا جي عوام جي مسئلن جو مڪمل پَتو آهي ۽ وفاقي حڪومت پنهنجي دائره اختيار اندر انهن مسئلن جي پائيدار حل لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ جاري وفاقي ترقياتي منصوبن جي وقت سر مڪمل ٿيڻ ۽ عوامي مسئلن جو حل وفاقي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي. شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ته خيبرپختونخوا جي حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، گورننس نالي ڪا به شيءَ ناهي، صحت، تعليم، انفرا اسٽرڪچر ۽ عوامي ڀلائي جي حوالي سان صوبائي حڪومت وٽ ڪا به واضح پاليسي موجود ناهي ۽ عوامي مسئلن طرف خيبرپختونخوا حڪومت جو ڪو به ڌيان نه آهي. وزيراعظم عوامي نمائندن تي زور ڀريو ته هو عوامي مسئلن جي حل کي اولين ترجيح بڻائين. وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخوا ۾ وفاق جي انتظام هيٺ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جي سربراهي ۾ ڪميٽي جوڙي جيڪا پشاور جو دورو ڪري ۽ عوامي نمائندن سان گڏجي انهن منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺندي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وفاقي وزير عطا الله تارڙ، قانون وارو وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير طارق فضل چوڌري، وزيراعظم جو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، ڪيپٽن (ر) صفدر، بابر نواز ايم اين اي، ثمر بلور ايم اين اي، اختيار ولي، مرتضيٰ جاويد عباسي، زاهد خان، ڊاڪٽر عباد الله، پير صابر شاهه، سردار مشتاق، شاهه جي گل آفريدي، شهاب الدين خان رحمت سلام خٽڪ ۽ ٻيا موجود هئا.











