صدر آصف علي زرداري پاران اتر وزيرستان ۽ ڪرم ۾ فتنه الخوارج جي 11 دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۽ ڪرم ۾ انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز ۾ فتنه الخوارج جي 11 دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ پوليس جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي چيو آهي ته فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت چيو ته قوم جي جان ۽ مال جي تحفظ …

اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري اتر وزيرستان ۽ ڪرم ۾ انٽيلي جنس بيسڊ آپريشنز ۾ فتنه الخوارج جي 11 دهشتگردن جي مارجڻ تي سيڪيورٽي اهلڪارن ۽ پوليس جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي چيو آهي ته فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت چيو ته قوم جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ڪردار تحسين جوڳو آهي. هن چيو ته فتنه الخوارج جي مڪمل خاتمي تائين جدوجهد جاري رهندي.

مزید خبریں