وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران خيبرپختونخوا ۾ فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشنز تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشنز تي آفيسرن ۽ جوانن کي شاباش ڏيندي اتر وزيرستان ۽ ڪرم ۾ ڪارروائين دوران 11 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا پنگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل …

اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبرپختونخوا ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشنز تي آفيسرن ۽ جوانن کي شاباش ڏيندي اتر وزيرستان ۽ ڪرم ۾ ڪارروائين دوران 11 خوارج کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا پنگ طرفان جاري بيان مطابق وزيراعظم دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان خلاف جنگ جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان جي فوج ۽ پوليس جا جوان ڏينهن رات ملڪ دشمن عنصرن خلاف سرگرم آهن. هن چيو ته اسانجي فرض شناس آفيسرن ۽ جوانن جي هوندي دشمن پاڪستان ڏانهن ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي. وزيراعظم چيو ته هن سميت سموري قوم سيڪيورٽي فورسز جي وطن جي حفاظت لاءِ پختي عزم ۾ انهن سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺي آهي.

مزید خبریں