صدر مملڪت آصف علي زرداري پاران ايل واءِ – 80 (اين) ميزائل ۽ لوئٽرنگ ميونيشن جي ڪامياب تجربي تي پاڪ بحريه جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ايل واءِ - 80 (اين) ميزائل ۽ لوئٽرنگ ميونيشن جي ڪامياب تجربي تي پاڪ بحريه جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت پاڪ بحريه کي اتر عربي سمنڊ ۾ ڪامياب ۽ جامع مشق تي مبارڪ ڏيندي پاڪ بحريه جي جديد فضائي دفاعي، سطح کان فضا ۾ …

اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري ايل واءِ – 80 (اين) ميزائل ۽ لوئٽرنگ ميونيشن جي ڪامياب تجربي تي پاڪ بحريه جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق صدر مملڪت پاڪ بحريه کي اتر عربي سمنڊ ۾ ڪامياب ۽ جامع مشق تي مبارڪ ڏيندي پاڪ بحريه جي جديد فضائي دفاعي، سطح کان فضا ۾ حملو ڪندڙ ۽ خودڪار نظامن جي اثرائتي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته خودڪار سطحي جهاز جا ڪامياب اوپن سي ٽرائلز ملڪ جي سامونڊي حدن جي دفاع لاءِ اهم اڳڀرائي آهن. صدر مملڪت پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيوراڻي مهارت ۽ آپريشنل تياري جي تعريف ڪئي.

مزید خبریں