اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير 10 جنوري 2008ع تي جي پي او آپگهاتي حملي ۾ شهادت ماڻيندڙ پوليس اهلڪارن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي کين پنجاب پوليس جا بهادر پُٽ قرار ڏنو، جن فرضن جي ادائيگي دوران شهادت ماڻي. سانحي جي 18 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير چيو ته لاهور پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن قوم جي حفاظت لاءِ پنهنجي …
وفاقي گهرو وزير پاران جي پي او آپگهاتي حملي جي شهيدن کي 18 هين ورسي تي خراج عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير 10 جنوري 2008ع تي جي پي او آپگهاتي حملي ۾ شهادت ماڻيندڙ پوليس اهلڪارن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي کين پنجاب پوليس جا بهادر پُٽ قرار ڏنو، جن فرضن جي ادائيگي دوران شهادت ماڻي. سانحي جي 18 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير چيو ته لاهور پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن قوم جي حفاظت لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو ۽ شهادت جو اعزاز ماڻيو. هن چيو ته شهيد جرئت ۽ عزم جي لازوال علامت آهن. هن وڌيڪ چيو ته سندن قربانين ملڪ جي تاريخ ۾ هڪ لازوال باب لکيو آهي. هن چيو ته شهيد پنهنجي شهادت ذريعي اَمر ٿي ويا. محسن نقوي زور ڀريندي چيو ته قوم انهن هيروز جي خاندانن جي مقروض آهي، جن جي پيارن امن کي برقرار رکڻ لاءِ پنهنجي جان قربان ڪئي. گهرو وزير پوليس شهيدن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ سندن ڪٽنبن جي ڪفالت جاري رکڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ به ڪيو.











