بلوچستان جي وڏي وزير جو اتر وزيرستان ۽ ڪُرم ۾ ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين

ڪوئيٽا-10 جنوري (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ڪي پي ڪي جي ضلعن اتر وزيرستان ۽ ڪرم ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ڳجهي ڄاڻ تي ڪيل ڪارروائين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سيڪيورٽي ادارن ، ڀارت جي حمايت يافته دهشتگرد عنصرن خلاف وقت سر، اثرائتا ۽ فيصلائتا قدم رياستي عزم، اداري جاتي هم آهنگي ۽ سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ پيشيواراڻي …

ڪوئيٽا-10 جنوري (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي ڪي پي ڪي جي ضلعن اتر وزيرستان ۽ ڪرم ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن طرفان ڳجهي ڄاڻ تي ڪيل ڪارروائين کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته سيڪيورٽي ادارن ، ڀارت جي حمايت يافته دهشتگرد عنصرن خلاف وقت سر، اثرائتا ۽ فيصلائتا قدم رياستي عزم، اداري جاتي هم آهنگي ۽ سيڪيورٽي فورسز جي اعليٰ پيشيواراڻي مهارت جو مظاهرو ڪندي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ خطرناڪ دهشتگردن کي منطقي انجام تي پهچايو، جيڪي ملڪ جي امن امان، قومي سلامتي ۽ معصوم شهرين جي جانين لاءِ مسلسل سنگين خطرو بڻيل هئا. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ سڄي قوم پنهنجي بهادر فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي. هن واضح ڪيو ته ڀارت جي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگرد سرگرمين کي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪيو ويندو ۽ رياست دشمن عنصرن خلاف بنا ڪنهن فرق ۽ رڪاوٽ جي ڪارروائيون جاري رهنديون. هن چيو ته قومي ايڪشن پلان تحت وفاقي ايپڪس ڪميٽي مان منظور ٿيل ويزن عزم استحڪام مطابق سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي روڪٿام واري مهم پوري قوت ۽ عزم سان جاري آهي ۽ دهشتگردي جي سمورن نيٽ ورڪس کي پاڙ کان ختم ڪرڻ تائين اها جدوجهد جاري رهندي. وڏي وزير دهشتگردي خلاف جنگ ۾ جان جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته انهن جون عظيم قربانيون رائگان نه وينديون. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان کي هڪ پر امن، محفوظ ۽ مستحڪم ملڪ بڻائڻ لاءِ حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارا مڪمل هم آهنگي ۽ سنجيدگي سان پنهنجو قومي فرض ادا ڪندا رهندا.

مزید خبریں