فيصل ڪريم ڪنڊي جو ايل واءِ – 80 (اين) ميزائل ۽ لوٽرنگ ميونيشن جي ڪامياب تجربي تي پاڪ بحريه جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي خراج تحسين

اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ايل واءِ – 80 (اين) ميزائل ۽ لوٽرنگ ميونيشن جي ڪامياب تجربي تي پاڪ بحريه جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر آفيس مان جاري بيان ۾ هن اتر عربي سمنڊ ۾ پاڪ بحريه جي ڪامياب ۽ جامع مشق تي پاڪ بحريه کي مبارڪ ڏيندي چيو ته اهي ڪاميابيون ملڪي دفاعي صلاحيتن ۾ نمايان اضافي …

اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ايل واءِ – 80 (اين) ميزائل ۽ لوٽرنگ ميونيشن جي ڪامياب تجربي تي پاڪ بحريه جي پيشيوراڻي صلاحيتن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. گورنر آفيس مان جاري بيان ۾ هن اتر عربي سمنڊ ۾ پاڪ بحريه جي ڪامياب ۽ جامع مشق تي پاڪ بحريه کي مبارڪ ڏيندي چيو ته اهي ڪاميابيون ملڪي دفاعي صلاحيتن ۾ نمايان اضافي جي عڪاسي آهن. هن پاڪ بحريه جي جديد فضائي دفاعي، سطح کان فضا ۾ حملو ڪندڙ ۽ خودڪار نظامن جي اثرائتي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته انهن نظامن بحري دفاع کي وڌيڪ مضبوط بڻايو آهي. هن خودڪار سطحي جهاز (يو ايس وي) جي ڪامياب اوپن سي ٽرائلز کي ملڪ جي سامونڊي حسن جي دفاع لاءِ هڪ اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. هن پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيوراڻي مهارت ۽ اعليٰ آپريشنل تياري جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪ بحريه هر چئلينج کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي ۽ ملڪي سلامتي جي تحفظ ۾ پنهنجو ڪردار چڱي طرح ادا ڪري رهي آهي.

مزید خبریں