نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ کنڊ جي دستيابي ۽ قيمتن جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس

اسلام آباد - 09 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کنڊ جي دستيابي ۽ قيمتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ قائم ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ درآمدي کنڊ جي حل، سيزن 26 – 2025ع دوران کنڊ جي امڪاني پيداوار ۽ ملڪ ۾ کنڊ جي موجوده قيمتن بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي کنڊ …

اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کنڊ جي دستيابي ۽ قيمتن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ قائم ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ درآمدي کنڊ جي حل، سيزن 26 – 2025ع دوران کنڊ جي امڪاني پيداوار ۽ ملڪ ۾ کنڊ جي موجوده قيمتن بابت اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڪميٽي کنڊ جي قيمتن ۾ ملز کان وٺي خورده سطح تائين گهٽتائي جي رجحان تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم لاڳاپيل صوبائي ادارن کي هدايت ڪئي ته اهي ڪمند جي آبادگارن کي وقت سر ۽ منصفاڻي قيمت جي ادائيگي کي يقيني بڻائين. اجلاس ۾ قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه، صوبائي حڪومتن جي نمائندن، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت جي سيڪريٽري، فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي ميمبر، ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان جي چيئرمين ۽ لاڳاپيل ادارن جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں