قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاران سيد خورشيد شاهه جي عيادت

اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد خورشيد احمد شاهه جي رهائشگاهه وڃي سندس عيادت ڪئي ۽ خيريت معلوم ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ان موقعي تي سيد خورشيد احمد شاهه لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. اسپيڪر چيو ته سيد خورشيد احمد شاهه …

اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد خورشيد احمد شاهه جي رهائشگاهه وڃي سندس عيادت ڪئي ۽ خيريت معلوم ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ان موقعي تي سيد خورشيد احمد شاهه لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سندس جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. اسپيڪر چيو ته سيد خورشيد احمد شاهه قومي اسيمبلي جو مڃيل ۽ متحرڪ ميمبر آهي. هن سيد خورشيد احمد شاهه جي جلد صحتيابي لاءَ دعا ڪئي ته جيئين هو قومي اسيمبلي جي ڪارروائي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. سيد خورشيد احمد شاهه خيريت دريافت ڪرڻ تي اسپيڪر جو ٿورو مڃيو.

مزید خبریں