اسلام آباد-09 جنوري(اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي غير قانوني اميگريشن ۾ ملوث عنصرن ۽ پينو مافيا خلاف سخت ترين ڪارروائي جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن ۽ پيشيور پينو مافيا خلاف سخت ترين ڪارروائي ڪئي وڃي. وڌيڪ اهو به حڪم ڏنو آهي ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن، پاڪستان جي نالي کي استعمال ڪرڻ جي …
گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس، انساني اسمگلنگ ۽ پينو مافيا خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم، ايئر پورٽس تي اسڪريننگ سخت ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد-09 جنوري(اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي غير قانوني اميگريشن ۾ ملوث عنصرن ۽ پينو مافيا خلاف سخت ترين ڪارروائي جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن ۽ پيشيور پينو مافيا خلاف سخت ترين ڪارروائي ڪئي وڃي. وڌيڪ اهو به حڪم ڏنو آهي ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن، پاڪستان جي نالي کي استعمال ڪرڻ جي اجازت هر گز نه ڏني ويندي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صدارت ۾ هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ ايف آءِ اي جي اميگريشن ونگ جي ڪارڪردگي ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪ ٿام لاءِ جاري مهم جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ وفاقي سيڪرٽري، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ ڪراچي لاهور جي ڊائريڪٽرز سميت ٻين اعليٰ اڳواڻن شرڪت ڪئي. گهرو وزير غير قانوني اميگريشن ۾ ملوث مافيا خلاف بنا فرق جي سخت ڪارروايون جاري رکڻ جا حڪم جاري ڪيا. هن واضح ڪيو ته انساني اسمگلرز ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجي رهيا آهن جنهن کي قانون جي پڪڙ ۾ آڻڻ اڻٽر آهي. اجلاس ۾ پرڏيهه ويندڙ پيشيور پينو مافيا ۽ انهن جي پٺ ڀرائي ڪندڙ گروهن خلاف بهتر ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي.محسن نقوي هدايت ڪئي ته پينو مافيا خلاف گهيرو تنگ ڪيو وڃي. گهرو وزير ايف آءِ اي کي اميگريشن قانون تي بهتر عملدرآمد يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته سمورن ايئرپورٽس تي سفري دستاويزن جي سخت اسڪريننگ ڪئي وئي ۽ چيڪنگ جي نظام کي وڌيڪ جديد ۽ بهتر بڻايو وڃي.گهرو وزير ان عزم جو اظهار ڪيو ته اميگريشن جي نظام ۾ شفافيت ۽ بهتري آڻڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا ته جيئن غير قانوني سرگرمين جو مڪمل روڪٿام ٿي سگهي.











