وفاقي آئيني عدالت ۾ سپر ٽيڪس ڪيس ۾ ٽيڪس ڏيندڙ ڪمپنين جي وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ تي ٻڌڻي 12 جنوري تائين ملتوي

اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ سپر ٽيڪس بابت ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي ٻڌڻي دوران  ٽيڪس ڏيندڙ ڪمپنين جي وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت وڌيڪ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سومر 12 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران اهو نقطو نمايان طور سامهون آيو ته پيٽروليم ليوي جي حد مقرر ڪرڻ وفاق جو آئيني اختيار آهي، جڏهن ته ان اختيار جي استعمال ۾ اعتدال …

اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت ۾ سپر ٽيڪس بابت ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي ٻڌڻي دوران  ٽيڪس ڏيندڙ ڪمپنين جي وڪيل جا دليل مڪمل ٿيڻ تي عدالت وڌيڪ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سومر 12 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ٻڌڻي دوران اهو نقطو نمايان طور سامهون آيو ته پيٽروليم ليوي جي حد مقرر ڪرڻ وفاق جو آئيني اختيار آهي، جڏهن ته ان اختيار جي استعمال ۾ اعتدال ۽ قانون جي پابندي ضروري آهي. گذريل ڏينهن سپر ٽيڪس ڪيسن جي ٻڌڻي وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪئي جنهن ۾ جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس ارشد حسين شاهه به شامل هئا. ٻڌڻي دوران مختلف ڪمپنين جي وڪيل مخدوم علي خان پنهنجا تفصيلي دليل مڪمل ڪيا. مخدوم علي خان موقف اختيار ڪيو ته پيٽروليم ڪمپنين کي حاصل قانوني ڇوٽ ختم ڪري 1948ع جي ٽيڪس ايڪٽ ۽ پيٽروليم ڪمپنيز ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ٽيڪس ايڪٽ 1948ع تحت پيٽروليم ايڪسپلوريشن ڪمپنين کي ڏنل ڇوٽ جو خاتمو نٿو ڪري سگهجي ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به پنهنجي فيصلن ۾ اهو واضح ڪري چڪي آهي ته دائره اختيار موجب جيڪا ڇوٽ بڻجي ٿي اها ڏيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته پيٽروليم ڪمپنيز ايڪٽ تحت حاصل ڇوٽ کي سپر ٽيڪس جي سيڪشن C4 جي ذريعي متاثر ڪيو ويو جڏهن ته ٽيڪس وصولي جي شرح ۾ غير معمولي اضافو پاڪستان ۾ ڪاروبار بند ڪرڻ مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي.وڪيل موجب جيتوڻيڪ پيٽروليم ليوي جي حد مقرر ڪرڻ وفاق جو اختيار آهي پر ان اختيار جو استعمال زيادتي جي حد تائين نه هجڻ گهرجي. مخدوم علي خان واضح ڪيو ته صدر پاڪستان کي حاصل اختيار فردِ واحد جو نه پر اهو اختيار صدر ايگزيڪيٽو اٿارٽي آف فيڊريشن طور استعمال ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته عدالتون هميشه ان اصول تي قائم رهيون آهن ته قانونن جي تشريح عدليه جو اختيار آهي، جڏهن ته پاڻمرادو قانونن ۾ ترميم، اضافو يا ڦيرڦار قانون جي خلاف آهي. دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وفاقي آئيني عدالت سپر ٽيڪس ڪيسن جي ٻڌڻي سومر 12 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. واضح رهي ته مختلف ڪمپنين جي وڪيل مخدوم علي خان پهريون ڀيرو وفاقي آئيني عدالت ۾ پيش ٿي انهن ڪيسن ۾ پنهنجي دليلن جي شروعات ڪئي هئي جيڪا گذريل ڏينهن مڪمل ٿي.

مزید خبریں