اسلام آباد - 09 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪمزور ۽ سفيد پوش طبقي جي مالي معاونت ۽ سماجي تحفظ کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته اڳ کان به وڌيڪ موثر ۽ بهتر رمضان پئڪيج جي لاءِ سفارشون تيار ڪيون وڃن ۽ امدادي رقم جي ڊيجيٽل والٽس جي ذريعي ئي ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان …
موثر ۽ بهتر رمضان پئڪيج لاءِ سفارشون تيار ڪيون وڃن، امدادي رقم جي ڊيجيٽل والٽس جي ذريعي ئي ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪمزور ۽ سفيد پوش طبقي جي مالي معاونت ۽ سماجي تحفظ کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏيندي چيو آهي ته اڳ کان به وڌيڪ موثر ۽ بهتر رمضان پئڪيج جي لاءِ سفارشون تيار ڪيون وڃن ۽ امدادي رقم جي ڊيجيٽل والٽس جي ذريعي ئي ادائيگي کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي حڪومت جي تجويز ڪيل رمضان ۽ گذريل سال رمضان پئڪيج جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن تي جائزه اجلاس ٿيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ وزارتن جي گذريل سال رمضان پئڪيج جي شفافيت تي هڪ مڃيل آڊٽ اداري پاران رپورٽ کي ساراهيندي چيو ته گذريل سال کان وفاقي حڪومت غريب عوام کي رمضان پئڪيج جي ڪري گهٽ اگهن تي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي جي لاءِ شفاف نظام جوڙيو آهي، ملڪ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جاري يوٽيلٽي اسٽورز جي ذريعي، مالي بي ضابطگين، بدنظمي ۽ غريبن جي استحصال جو لاڳو نظام حڪومت شفاف نظام ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورا لاڳاپيل ادارا ايندڙ رمضان المبارڪ جي لاءِ گذريل سال کان به وڌيڪ موثر ۽ ڪارائتو پئڪيج ۽ سفارشون جوڙين. هن چيو ته يوٽيلٽي اسٽورز ۾ بدعنواني جي ڪري مستحق ماڻهو پنهنجي حق کان محروم هئا، غريبن ۽ سفيد پوش عوام جي مالي معاونت ۽ سماجي آسودگي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن هدايت ڪئي ته غريب عوام ۾ رمضان پئڪيج جي امدادي رقم جي فراهمي ڊيجيٽل والٽس جي ذريعي ئي ڪئي وڃي ته جيئن عوام جي عزت ۽ تڪريم مجروح نه ٿئي، عوام کي امدادي رقم جي ڊيجيٽل والٽس جي ذريعي فراهمي ڪيش ليس معيشت حاصل ڪرڻ جي لاءِ پڻ سنگ ميل ثابت ٿيندي، اسٽيٽ بئنڪ جي رمضان پئڪيج جي ورڇ ۾ شموليت سان ڪيش ليس اڪانومي کي هٿي ملندي. هن هدايت ڪئي ته سموريون لاڳاپيل وزارتون ۽ ادارا ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته امدادي رقم ۾ غريب عوام جي دائره ڪار ۽ شموليت کي ممڪن حد تائين وسيع ڪيو وڃي ۽ رمضان پئڪيج ۾ گذريل سال کان بهتر ۽ موثر ادائيگي جي لاءِ عملي قدمن تي ٻڌل جامع حڪمت عملي ۽ سفارشون جلد پيش ڪيون وڃن. هن چيو ته موثر نگراني جي لاءِ ڊيجيٽل ڊيش بورڊ ۽ منظم مانيٽرنگ جو نظام جوڙيو وڃي. وزيراعظم کي اجلاس دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل سال رمضان پئڪيج جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن ۾ عالمي شهرت يافته ۽ مڃيل آڊٽ فرم حڪومتي پئڪيج کي موثر ۽ شفاف قرار ڏنو، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ سوشل پروٽيڪشن والٽ نظام لاڳو ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت مستحق ماڻهن ۾ مفت سِمز ورهايون پيون وڃن ۽ مارچ 2026ع کان سموري امدادي رقم انهي سِم جي ذريعي ڊيجيٽلي ورڇ ڪئي ويندي، وزيراعظم کي گذريل سال رمضان پئڪيج جي ٿرڊ پارٽي ويليڊيشن بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گذريل سال رمضان پئڪيج ۾ ڪنهن به قسم جي مالي بي ضابطگي يا سنگين انتظامي بدنظمي ۽ بدعنواني نه ڏٺي وئي. وزيراعظم يوٽيلٽي اسٽورز ۾ ڏهاڪن کان جاري مالي بدعنواني ۽ بدنظمي جي خاتمي کي وفاقي حڪومت جو انقلابي قدم قرار ڏنو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، غربت جي خاتمي واري وفاقي وزير سيد عمران احمد شاهه، قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، وزيراعظم جي خاص معاون هارون اختر، نادرا چيئرمين ۽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪشن اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري عهديدارن شرڪت ڪئي.











