وزيراعظم شهباز شريف جواهرات ۽ قيمتي پٿرن جي شعبي جي سڌارن بابت قومي پاليسي فريم ورڪ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي، ملڪ ۾ جيمز اسٽونز جي ذخيرن جو ڪاٿو 450 ارب ڊالر آهي: اجلاس کي بريفنگ

اسلام آباد - 09 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جواهرات ۽ قيمتي پٿرن (جيمز اسٽونز) جي شعبي جي سڌارن ۽ ان کي عالمي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ قومي پاليسي فريم ورڪ جي اصولي منظوري ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ جواهرات ۽ قيمتي پٿرن جا وسيع ذخيرا موجود آهن، ترجيحي بنيادن تي جيولاجيڪل سروي سان ذخيرن جي جاگرافيائي ۽ ماليت جو تعين ڪيو وڃي، …

اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جواهرات ۽ قيمتي پٿرن (جيمز اسٽونز) جي شعبي جي سڌارن ۽ ان کي عالمي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ قومي پاليسي فريم ورڪ جي اصولي منظوري ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ جواهرات ۽ قيمتي پٿرن جا وسيع ذخيرا موجود آهن، ترجيحي بنيادن تي جيولاجيڪل سروي سان ذخيرن جي جاگرافيائي ۽ ماليت جو تعين ڪيو وڃي، پاليسي فريم ورڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ موزون ماحول جي فراهمي کي اولين ترجيح ڏني وڃي، پاڪستاني قيمتي پٿر سڄي دنيا ۾ پنهنجي معيار جي حوالي سان مقبول آهن، اسمگلنگ جي خاتمي ۽ قانوني طريقي ذريعي برآمد سان اربين ڊالرز پرڏيهي ناڻي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ جواهرات ۽ قيمتي پٿرن جي ذخيرن، شعبي جي سڌارن، برآمدات ۾ اضافي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي لاڳو تي اعليٰ سطح جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اعظم نذير تارڙ، علي پرويز ملڪ، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي پاڪستان ۾ قيمتي پٿرن جي صلاحيت، علائقائي تقابلي جائزي، برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ گهربل قدمن ۽ قومي پاليسي فريم ورڪ جي مقصدن ۽ لاڳو جي مقرر مدي جي هدفن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هلندڙ سال پاليسي فريم ورڪ ۾ تجويز ڪيل قدمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ، ترجيحي بنيادن تي جيولاجيڪل سروي سان ذخيرن جي جاگرافيائي ۽ ماليت جو تعين ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ان ۾ سمورن لاڳاپيل ادارن، صوبائي حڪومتن ۽ ڌرين جي مشاورت يقيني بڻائي وڃي، عالمي معيار جي ليبارٽريز ۽ سرٽيفڪيشنز جي لاڳو جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن، پاليسي فريم ورڪ ۾ ٻاهرئين سيڙپڪاري جي لاءِ موزون ماحول جي فراهمي کي اولين ترجيح ڏني وڃي. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال ملڪ ۾ جيمز اسٽونز سان لاڳاپيل ٻه مثالي سينٽرز آف ايڪسيلينس قائم ڪيا وڃن، پاڪستان ۾ جيمز اسٽونز جي ذخيرن جي مقابلي ۾ برآمدات نه هجڻ جي برابر آهي. هن چيو ته نجي ڪمپنين خاص طور تي نوجوان انٽرپرينيورز جي ان شعبي ۾ حوصلا افزائي ڪئي وڃي، پاڪستاني قيمتي پٿر سڄي دنيا ۾ پنهنجي معيار جي حوالي سان مقبول آهن، اسمگلنگ جي خاتمي ۽ قانوني طريقي ذريعي برآمد سان اربين ڊالرز جو پرڏيهي ناڻو حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته عالمي شهرت يافته ماهرن جي مدد سان پاليسي فريم ورڪ تي عملدرآمد ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي. وزيراعظم ناڻي واري وزارت کي شعبي جي ترقي جي لاءِ موجوده مالي وسيلن جي فوري فراهمي جي هدايت پڻ ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ جواهرات ۽ قيمتي پٿرن جا وسيع ذخيرا موجود آهن جنهن جو محتاط ڪاٿو 450 ارب ڊالر آهي، پاڪستان ۾ هن وقت 5 هزار کان وڌيڪ ڪمپنيون ۽ ڪاروبار ان شعبي سان واڳيل آهن جيڪي پاڪستان ۾ موجود 30 کان وڌيڪ قيمتي پٿرن جي پراسيسنگ جي حوالي سان ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۾ موجود قيمتي پٿرن ۾ زمرد، زبرجد، ياقوت، پکراج ۽ نيلگون زبرجد جا ذخيرا سرفهرست آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 450 ارب ڊالر جي ذخيرن جي مقابلي ۾ پاڪستان جو روانگي واپار رڳو 5.8 ملين ڊالر ساليانو آهي، صنعت ۽ واپار واري وزارت قومي پاليسي فريم ورڪ جي تياري دوران مسئلن جي نشاندهي کانپوءِ ترجيحي پاليسي قدمن جي هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي آهي جيڪا 5 سالن ۾ سڌارن جي ذريعي پاڪستان جي ان شعبي جي درآمدات جي حوالي سان هڪ ارب ڊالر جو هدف حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائيندي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال دوران صنعت ۽ واپار واري وزارت پاليسي فريم ورڪ تحت قيمتي پٿرن جي ويليو چين جي قومي معيشت ۾ شموليت، پٿرن جي پاڪستان ۾ پراسيسنگ جي ذريعي قدر ۾ اضافي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي لاڳو ۽ نجي شعبي جي تربيتي پروگرامز سان گڏوگڏ برانڊ پاڪستان جي تعارف کي يقيني بڻائيندي، پاليسي فريم ورڪ ۾ عالمي معيار جي سرٽيفڪيشن رجيم، شعبي جي ترقي ۽ سيڙپڪاري جي اضافي لاءِ اٿارٽي قائم ڪرڻ، نيشنل وارنٽي آفيس قائم ڪرڻ، جيولاجيڪل ميپنگ، قيمتي پٿرن جي کاڻين جي کوٽائي ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي لاڳو، برانڊ پاڪستان جي تعارف، سينٽرز آف ايڪسيلنس  قائم ڪرڻ جهڙا قدم شامل آهن. اجلاس کي پاليسي فريم ورڪ جي لاڳو جي مقرر مدي تي پڻ بريفنگ ڏني وئي.

مزید خبریں