اسلام آباد - 09 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ خساري وارا فيڊرز ڪميونٽي ۽ صوبائي حڪومتن جي تعاون سان شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن سان خساري ۾ هلندڙ فيڊرز جي نقصانن ۾ گهٽتائي ۽ انهن علائقن ۾ بجلي مسلسل ميسر ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ بجلي جي …
وزيراعظم شهباز شريف پاران وڌيڪ خساري وارا فيڊرز شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ پائليٽ پراجيڪٽ تي ڪم فوري طور تي شروع ڪرڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ خساري وارا فيڊرز ڪميونٽي ۽ صوبائي حڪومتن جي تعاون سان شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن سان خساري ۾ هلندڙ فيڊرز جي نقصانن ۾ گهٽتائي ۽ انهن علائقن ۾ بجلي مسلسل ميسر ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي لاءِ سولرائيزيشن ۽ بجلي جي شعبي ۾ جاري سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس ٿيو جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، بجلي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽريز کانسواءِ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وڌيڪ خساري وارا بجلي فيڊرز ڪميونٽي ۽ صوبائي حڪومتن جي تعاون سان شمسي توانائي تي منتقل ڪيا وڃن، ان قدم سان خساري ۾ هلندڙ فيڊرز جي نقصانن ۾ گهٽتائي ٿيندي ۽ انهن علائقن ۾ بجلي مسلسل ميسر ٿيندي. وزيراعظم پيسڪو ۽ ڪيسڪو جي وڌيڪ نقصان ۾ هلندڙ فيڊرز ۾ فوري طور تي پائليٽ پراجيڪٽس جاري ڪرڻ ۽ پائليٽ پراجيڪٽس کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ چونڊيل نمائندن سان مشاورت ۽ ڪميونٽي جي شرڪت يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي پيسڪو ۽ ڪيسڪو جي خساري ۾ هلندڙ فيڊرز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اهڙن فيڊرز جي شمسي توانائي تي منتقلي سان مقامي آبادي جي لاءِ هڪ ماحول دوست، گهٽ لاڳت ۽ پائيدار مائيڪرو گرڊ بڻجي ويندو. مقامي آبادي، صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون ان منصوبي ۾ حصيدار هونديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان منصوبي سان نه رڳو گهٽ لاڳت بجلي پيدا ٿيندي پر مستقبل ۾ بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي خساري ۾ نمايان گهٽتائي ٿيندي. منصوبي جي اصولي منظوري ڏيندي وزيراعظم هدايت ڪئي ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ پائليٽ پراجيڪٽ تي فوري طور تي ڪم شروع ڪيو وڃي.











