اسلام آباد - 08 جنوري (اي پي پي) الجزائر، بنگلاديش، سعودي عرب، ترڪيه، مصر، گيمبيا، انڊونيشيا، ايران، عراق، اردن، ڪويت، پاڪستان سميت مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پنهنجي گڏيل پڌرنامي ۾ 6 جنوري 2026ع تي اسرائيلي عهديدار پاران وفاقي جمهوريه صوماليه جي خطي ”صومالي لينڊ“ جي تازي غيرقانوني دوري جي شديد مذمت ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته عالمي قانون موجب …
اسرائيل صوماليه جي خودمختياري، قومي اتحاد ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪري: پاڪستان سميت مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ او آءِ سي جو گڏيل پڌرنامو

مزید خبریں
اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) الجزائر، بنگلاديش، سعودي عرب، ترڪيه، مصر، گيمبيا، انڊونيشيا، ايران، عراق، اردن، ڪويت، پاڪستان سميت مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ۽ اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پنهنجي گڏيل پڌرنامي ۾ 6 جنوري 2026ع تي اسرائيلي عهديدار پاران وفاقي جمهوريه صوماليه جي خطي ”صومالي لينڊ“ جي تازي غيرقانوني دوري جي شديد مذمت ڪندي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته عالمي قانون موجب صوماليه جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ استحڪام جي تحفظ جي لاءِ صوماليه پاران کنيل سفارتي ۽ قانوني قدمن جي حمايت جاري رکنداسين. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته اسان ان ڳالهه تي زور ڏيون ٿا ته اسرائيل صوماليه جي خودمختياري، قومي اتحاد ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪري ۽ عالمي قانون موجب پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته اسرائيل پاران (صومالي لينڊ) کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو فوري طور تي رد ڪيو وڃي. پڌرنامي ۾ پرڏيهي وزيرن جي 27 ڊسمبر 2025ع جي گذريل بيان کي ياد ڪندي، جنهن ۾ وفاقي جمهوريه صوماليه جي خطي ”صومالي لينڊ“ کي اسرائيل پاران تسليم ڪرڻ کي رد ڪيو ويو هو، چيو ويو آهي ته 6 جنوري 2026ع تي اسرائيلي عهديدار پاران وفاقي جمهوريه صوماليه جي خطي ”صومالي لينڊ“ جي تازي غيرقانوني دوري جي شديد مذمت ڪريون ٿا. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل دورو وفاقي جمهوريه صوماليه جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي واضح خلاف ورزي آهي ۽ مڃيل عالمي اصولن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر کي نقصان پهچائي ٿو. وفاقي جمهوريه صوماليه جي خودمختياري، اتحاد ۽ علائقائي سالميت جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا. ان ڳالهه تي زور ڏيون ٿا ته عليحدگي پسند ايجنڊائن جي حوصلا افزائي ناقابل قبول آهي ۽ ان سان اڳ ۾ ئي نازڪ خطي ۾ تڪرار وڌڻ جو خطرو آهي. ان ڳالهه تي زور ڏيون ٿا ته عالمي قانون جو احترام، خودمختيار رياستن جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت ۽ سفارتي آداب جي پابندي علائقائي ۽ عالمي استحڪام جي لاءِ ضروري آهي. پرامن عالمي رابطن، تعميري سفارتڪاري ۽ عالمي قانون جي پاسداري جي لاءِ وفاقي جمهوريه صوماليه جي عزم کي ساراهيون ٿا. عالمي قانون موجب صوماليه جي خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ استحڪام جي تحفظ جي لاءِ صوماليه پاران کنيل سفارتي ۽ قانوني قدمن جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪريون ٿا. ان ڳالهه تي زور ڏيون ٿا ته اسرائيل صوماليه جي خودمختياري، قومي اتحاد ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪري ۽ عالمي قانون موجب پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري ۽ مطالبو ڪريون ٿا ته اسرائيل پاران (صومالي لينڊ) کي تسليم ڪرڻ جو فيصلو فوري طور تي رد ڪيو وڃي.











