ڪوئيٽا - 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي قيادت ۾ صوبائي حڪومت پاران ترقي، امن امان قائم ڪرڻ، سياسي هم آهنگي جي استحڪام ۽ وزيراعظم جي شڪايت سيل ۾ داخل ڪيل عوامي شڪايتن جي موثر ازالي جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو آهي. هڪ اجلاس ۾ بلوچستان جي چيف سيڪريٽري شڪيل قادر خان وزيراعظم کي صوبي ۾ مختلف شعبن …
بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي قيادت ۾ صوبائي حڪومت ترقي، امن امان قائم ڪرڻ، سياسي هم آهنگي جي استحڪام لاءِ ساراهه جوڳا قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
ڪوئيٽا – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي جي قيادت ۾ صوبائي حڪومت پاران ترقي، امن امان قائم ڪرڻ، سياسي هم آهنگي جي استحڪام ۽ وزيراعظم جي شڪايت سيل ۾ داخل ڪيل عوامي شڪايتن جي موثر ازالي جي لاءِ کنيل قدمن کي ساراهيو آهي. هڪ اجلاس ۾ بلوچستان جي چيف سيڪريٽري شڪيل قادر خان وزيراعظم کي صوبي ۾ مختلف شعبن ۾ سڌارن، ترقياتي منصوبن تي ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ خاص طور تي تعليم، صحت، گورننس ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي بابت قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته صوبائي حڪومت محدود وسيلن جي باوجود سڌاراجاتي ايجنڊا تي موثر عملدرآمد کي يقيني بڻايو آهي. وزيراعظم بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال جي بهتري ۾ ملندڙ ڪاميابين تي اطمينان ۽ خوشي جو اظهار ڪيو جن موجب انٽيليجنس جي بنياد تي ڪاررواين ۽ ٻين سيڪيورٽي آپريشنز دوران 784 دهشتگردن کي ماريو ويو. هن چيو ته صوبائي حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن جي گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان جي ترقي، استحڪام ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ صوبائي حڪومت سان تعاون جاري رکندي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته بلوچستان کي درپيش مسئلن جي حل، ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آندا پيا وڃن.











