ڪوئيٽا - 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ قومي شاهراهه اين – 25 ۽ پنج دانش اسڪولن جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو ۽ چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي، بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر ڏسڻ چاهيون ٿا، صوبي جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن وسيلا فراهم ڪنداسين، دهشتگردي جي پٺيان فتنه الهندستان جو هٿ آهي، پاڪ فوج مئي ۾ …
وزيراعظم بلوچستان ۾ قومي شاهراهه اين – 25 ۽ پنج دانش اسڪولن جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو، بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي، بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر ڏسڻ چاهيون ٿا: شهباز شريف

مزید خبریں
ڪوئيٽا – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان ۾ قومي شاهراهه اين – 25 ۽ پنج دانش اسڪولن جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو ۽ چيو آهي ته بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي، بلوچستان کي ٻين صوبن جي برابر ڏسڻ چاهيون ٿا، صوبي جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن وسيلا فراهم ڪنداسين، دهشتگردي جي پٺيان فتنه الهندستان جو هٿ آهي، پاڪ فوج مئي ۾ دشمن کي شڪست ڏني، اسان جي فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا دهشتگردي کي ختم ڪري رهندا، دشمن جي ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪا به قوم تعليم کانسواءِ ترقي نه ٿي ڪري سگهي، بلوچستان جي ٻارن کي بهتر تعليم جي فراهمي جي لاءِ 5 دانش اسڪولن جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو آهي، ڏکڻ بلوچستان ۾ به دانش اسڪول ٺاهيا ويندا، ملڪ جي هوشيار شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ميرٽ تي ورهايا پيا وڃن، نوجوانن جي لاءِ اسڪيمن ۾ بلوچستان جي 10 سيڪڙو اضافي ڪوٽا رکي وئي آهي، هلندڙ سال ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 57 هزار گهر مڪمل ڪيا ويندا، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ عالمي بئنڪ 112 ارب رپين جي گرانٽ ڏني آهي، ڪڇي ڪينال منصوبي جي تڪميل بلوچستان جي زرعي ترقي جي لاءِ لازمي آهي، منصوبي جي جلد تڪميل جي لاءِ چئن هفتن ۾ ٺوس فيصلا ڪري بلوچستان جي عوام کي تحفو ڏينداسين، ترقي جي ڊوڙ ۾ گڏجي اڳتي وڌنداسين ته پاڪستان پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري وٺندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار قومي شاهراهه اين – 25، آواران جهلجهائو روڊ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ دانش اسڪولن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ ۽ بلوچستان ۾ 2022ع جي ٻوڏ متاثرين ۾ تعمير ٿيل گهرن جي سرٽيفڪيٽس ۽ چيڪس ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، بلوچستان جو گورنر جعفر خان مندوخيل، وڏو وزير مير سرفراز بگٽي، وفاقي وزير، ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل راحت نسيم، پارليامينٽ ميمبر ۽ سياسي اڳواڻ پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته اڄ اسان جي لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي ته اسان بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ موجود آهيون ۽ اهڙن منصوبن جي پيڙهه جو پٿر رکيو ۽ افتتاح ڪيو آهي جن جو بلوچستان جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي سان سڌوسنئون تعلق آهي. هن چيو ته بلوچستان جي ترقي پاڪستان جي ترقي آهي، بلوچستان ملڪ جو اهو صوبو آهي جتي غيرتمند بلوچ، پشتون ۽ ٻيون قومون رهن ٿيون، ان صوبي پاڪستان سان رضاڪاراڻي طور تي الحاق جو اعلان ڪيو هو ۽ ان ۾ بلوچستان جي عوام ۽ بلوچستان جي سياسي قيادت جي رضامندي شامل هئي، بلوچستان پاڪستان جو جاگرافيائي لحاظ کان سڀ وڏو ۽ آبادي جي لحاظ کان ننڍو صوبو آهي، رستا، تعليم، صحت ۽ ٻيون سهولتون بلوچستان جي عوام جو حق آهن، صوبي جي ترقي جي لاءِ هر ممڪن وسيلا مهيا ڪيا ويندا، 2010ع جي اين ايف سي ايوارڊ جي وقت بلوچستان جي وڏي وزير نواب اسلم رئيساڻي لاهور ۾ اضافي وسيلن جي فراهمي جو مطالبو ڪيو هو، چئني صوبن گڏجي ان جو مطالبو پورو ڪيو جڏهن ته پنجاب خال پنهنجي وسيلن سان پورو ڪرڻ جو واعدو ڪيو، آئون ان وقت پنجاب جو وڏو وزير هئس، جڏهن اهو معاملو پنجاب اسيمبلي ۾ اٿاريو ته پوري صوبائي اسيمبلي ان کي ساراهيو ته توهان ملڪ جي بهترين مفاد ۾ فيصلو ڪيو آهي، پنجاب 11 ارب رپيا ساليانو پنهنجي حصي مان بلوچستان کي ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته جيستائين چار ئي صوبا ترقي جي ڊوڙ ۾ برابر شامل نه ٿيندا ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي ڇو ته اهي هڪ گهر وانگر آهن، بلوچستان جي ترقي جي ڊوڙ ۾ پورو پاڪستان شامل آهي، اڄ اسان پاڪستان ايڪسپريس وي جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، ايف ڊبليو او ۽ اين ايڇ اي کي هدايت ڪئي آهي ته ٻن سالن ۾ نه اهو منصوبو هڪ سال ۾ مڪمل ڪيو وڃي، چئني صوبن کي ترقي جو برابر حق حاصل آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي ٻيهر ڪَر کنيو آهي، دشمن جي ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، دهشتگردي جي پٺيان خارجي هٿ آهن جيڪي دهشتگردي کي هوا ڏيڻ جي لاءِ پئسو ۽ هٿيار ڏين ٿا، مئي ۾ معرڪه حق ۾ اسان جي بهادر فوج ملڪ جي خلاف ناپاڪ ارادا رکندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ شڪست ڏني ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ انهن کي اهڙي چماٽ هنئي آهي جيڪا اهي سڄي عمر ياد رکندا. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ اسان جا آفيسر، جوان ۽ عام شهري قربانيون ڏئي رهيا آهن پر اهي قربانيون رائيگان نه وينديون، اسان جي فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا دهشتگردي کي ختم ڪري رهندا ۽ دهشتگردي جو مڪل طور تي خاتمو ٿيندو، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏيندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا. وزيراعظم چيو ته تعليم ڪنهن به معاشري جي لاءِ روشن ڏيئو آهي، جديد تعليم کانسواءِ ڪا قوم ترقي نه ٿي ڪري سگهي، پنجاب ۾ جيڪي دانش اسڪول قائم ڪيا ويا آهن اتي ايچي سن کان به بهترين تعليم ملي ٿي، شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم، رهائش ۽ خوراڪ مفت فراهم ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم چيو ته هن بلوچستان جي شاگردن کي تعليم جي بهتر فراهمي جي لاءِ ڊيره بگٽي، سبي، قلعه سيف الله، زوب ۽ صحبت پور ۾ 5 دانش اسڪولن جي پيڙهه جو پٿر رکيو آهي، بلوچستان جو وڏو وزير صوبي جي ترقي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، هن صوبي ۾ وڌيڪ دانش اسڪول قائم ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو آهي، جيتوڻيڪ وسيلا محدود آهن پر دانش اسڪولن جي انگ ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ويندو، ڏکڻ بلوچستان ۾ چاغي ۽ واشو ۾ پڻ ٻه دانش اسڪول قائم ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته ڪڇي ڪينال منصوبي جي تڪميل انتهائي ضروري آهي، ڪڇي ڪينال جي لاءِ 40 ارب رپين جي وڌيڪ ضرورت آهي، ان تي مشاورت ڪئي ويندي، ان جي لاءِ هڪ پلان ٺاهيو ويو آهي، ايندڙ چئن هفتن ۾ ان حوالي سان ٺوس فيصلا ڪري بلوچستان جي عوام کي تحفو ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته گذريل سال به هڪ لک ليپ ٽاپ شاگردن کي ميرٽ تي ڏنا ويا هئا، هن سال به ليپ ٽاپ ورهايا پيا وڃن، جڏهن آئون پنجاب جو وڏو وزير هئس ان وقت به ان ۾ بلوچستان جو حصو رکيو هو، ليپ ٽاپ اسڪيم، تعليمي وظيفن، ايجوڪيشن انڊونمنٽ فنڊ ۾ بلوچستان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جو حصو 10 سيڪڙو وڌيڪ آهي ۽ اهو بلوچستان جي عوام جو حق آهي، ڪنهن تي ڪو احسان نه آهي، ان پوري عرصي ۾ اسان 6 لک ليپ ٽاپ ورهائي چڪا آهيون، نوجوان اسان جي آبادي جو 60 سيڪڙو آهن، انهن کي اسان جديد علم، ليپ ٽاپ ۽ تعليمي وظيفن جي فراهمي يقيني بڻائينداسين ۽ غيرملڪي يونيورسٽين ۾ موڪلي قائداعظم جو خواب پورو ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته 2022ع ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب ملڪ کي اربين ڊالر جو نقصان ٿيو هو، بلوچستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هلندڙ سال 57 هزار گهر مڪمل ٿي ويندا، ٻئي مرحلي ۾ به گهر تعمير ڪيا ويندا، مجموعي طور تي 98 هزار گهر تعمير ڪيا ويندا، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ عالمي بئنڪ 112 ارب رپين جي گرانٽ ڏني آهي جيڪا متاثرين ۾ ورهائي ويندي. هن چيو ته بلوچستان جي لاءِ سولر ٽيوب ويلز جو منصوبو ٺاهيو ويو هو، ان ۾ وفاق 50 ارب رپيا فراهم ڪيا آهن، بلوچستان جو وڏو وزير ڀرپور ڪم ڪري رهيو آهي، اسان چاهيون ٿا ته ايمانداري ۽ ديانتداري سان رقم خرچ ٿئي ته جيئن بلوچستان ٻين صوبن جي برابر ٿي وڃي. وزيراعظم چيو ته وقت اچي ويو آهي ته گڏجي ترقي جي ڊوڙ ۾ اڳتي وڌون، گڏجي اڳتي وڌنداسين ته پاڪستان انشاءَالله پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪري وٺندو. ان کان اڳ وزيراعظم کي قومي شاهراهه اين – 25، آواران جهلجهائو روڊ ۽ صوبي جي مختلف علائقن ۾ دانش اسڪولن جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. اين – 25 منصوبي بابت ٻڌايو ويو ته 810 ڪلوميٽر ڊگهو روڊ آهي ۽ هڪ ٽنل آهي، ڊسمبر 2027ع تائين منصوبو مڪمل ٿي ويندو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته منصوبي تي ڪم دوران بهترين معيار کي يقيني بڻايو وڃي، ان ۾ ڪا ڪوتاهي نه ٿيڻ گهرجي، منصوبو مقرر مدي کان اڳ مڪمل ٿيڻ گهرجي. مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته اين ايڇ اي جي لاءِ اڄ هڪ تاريخي ڏينهن آهي، وفاقي حڪومت جي ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ رابطن کي بهتر بڻايو وڃي، بلوچستان ۾ عام منصوبن تي ڪم جاري آهي ۽ پاڪستان ايڪسپريس وي انتهائي اهميت رکندڙ آهي، وفاقي حڪومت ان منصوبي جي لاءِ خصوصي فنڊز فراهم ڪيا آهن، بلوچستان جي ترقي رابطن سان ممڪن آهي، اين ايڇ اي پنهنجو 40 سيڪڙو ڪم بلوچستان ۾ ڪري رهيو آهي، بلوچستان جي لاءِ فنڊز جي فراهمي تي اسان وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون، اين – 25 منصوبو بلوچستان جي عوام جي لاءِ حقيقي معنيٰ ۾ گيم چينجر ثابت ٿيندو،بلوچستان ۾ اين ايڇ اي 735 ارب رپين جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيو آهي، اڄ 16هين منصوبي جو افتتاح ڪيو ويو آهي، منصوبو سي پيڪ جي لاءِ به اهم ڪردار ادا ڪندو ۽ ڪنيڪٽويٽي وڌائيندو، آواران جهلجهائو بيلا روڊ جو منصوبو مڪمل ٿي چڪو آهي، مواصلات واري وزارت پنهنجي آمدني کي به مسلسل وڌائي رهي آهي، 30 جون 2024ع تائين 68 هزار رپين جو روينيو هو جيڪو 30 جون 2025ع تائين 109 ارب رپين تائين پهچي ويو. منصوبن جي تڪميل ۾ سيڪيورٽي ادارن ۽ سمورين لاڳاپيل ڌرين جا ٿورا ادا ڪريون ٿا. بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۾ وزيراعظم جي خصوصي دلچسپي تي ٿورائتا آهيون، بلوچستان حڪومت پاران اهو يقين ڏيارڻ چاهيان ٿو ته اسان پاران جنهن به قسم جو تعاون گهربل هوندو اهو فراهم ڪيو ويندو، سڄي ملڪ جي عوام بلوچستان سان محبت ڪري ٿي، پاڪستان ايڪسپريس وي منصوبي جي پيڙهه جي پٿر رکڻ واري تقريب ۾ وزيراعظم جي شرڪت اسان جي لاءِ خوشي جو سبب آهي. هن چيو ته اسان جي وڏي خواهش هئي ته بلوچستان ۾ به دانش اسڪول مڪمل ٿين، اڄ انهن اسڪولن جي پيڙهه جو پٿر رکيو ويو آهي جتي غريب خاندانن جا ٻار بهترين تعليم حاصل ڪندا، دانش اسڪول تعليم جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. ان موقعي تي وزيراعظم ٻوڏ متاثرين ۾ گهرن جا سرٽيفڪيٽس ۽ چيڪس پڻ ورهايا. بلوچستان جي 33 ضلعن ۾ 2 لک 84 هزار کان وڌيڪ متاثر خاندانن جي لاءِ بنا معاوضي گهرن جي فراهمي جو تاريخي منصوبو جاري آهي، ان منصوبي تحت هيستائين 42 هزار 547 گهرن جي تعمير شروع ٿي چڪي آهي جڏهن ته اٽڪل 15 هزار گهر مڪمل ڪري متاثر خاندانن کي باعزت رهائش فراهم ڪئي وئي آهي. منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ 97 هزار گهرن جي تعمير ڪئي پئي وڃي جنهن جي لاءِ وفاقي حڪومت پاران 46 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هر مستحق خاندان کي 4 لک رپيا في گهر قسطن جي صورت ۾ منتقل ڪيا پيا وڃن جڏهن ته خصوصي ماڻهن جي لاءِ 50 هزار رپين جي اضافي معاونت پڻ ان بحالي پئڪيج جو حصو آهي. حڪومت عورتن، بزرگ ماڻهن ۽ خصوصي ماڻهن کي ان منصوبي ۾ اولين ترجيح ڏني آهي.











