پاڪستان ۽ چين افغانستان ۾ موجود سمورين دهشتگرد تنظيمن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ واضح ۽ تصديق جوڳي قدمن تي زور ڏنو آهي: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد - 08 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين افغانستان ۾ موجود سمورين دهشتگرد تنظيمن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ واضح ۽ تصديق جوڳي قدمن تي زور ڏنو آهي، ٻنهي ملڪن پنهنجي ترقياتي منصوبن ۽ ترجيحن کي وڌيڪ هم آهنگ ڪرڻ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه کي اڳتي وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. هفتيوار پريس بريفنگ …

اسلام آباد – 08 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين افغانستان ۾ موجود سمورين دهشتگرد تنظيمن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ واضح ۽ تصديق جوڳي قدمن تي زور ڏنو آهي، ٻنهي ملڪن پنهنجي ترقياتي منصوبن ۽ ترجيحن کي وڌيڪ هم آهنگ ڪرڻ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه کي اڳتي وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته هلندڙ هفتي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ منعقد پاڪ چين پرڏيهي وزيرن واري اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي ستين دور ۾ شرڪت جي لاءِ چين جو دورو ڪيو. هن چيو ته ان موقعي تي جاري ٿيندڙ پاڪ چين گڏيل پڌرنامو هڪ جامع دستاويز آهي جنهن ۾ اسٽريٽجڪ ۽ سياسي تعاون سان گڏوگڏ دفاع ۽ سلامتي، معيشت، واپار، سيڙپڪاري، ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا سميت وسيع شعبن ۾ پاڪ چين لاڳاپن جي سمورن رخن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. هن چيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته ڌرين پنهنجي پنهنجي بنيادي مفادن سان لاڳاپيل معاملن تي هڪ ٻئي جي لاءِ اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ون چائنا اصول تي پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته تائيوان چين جو هڪ فتح نه ٿيڻ جوڳو حصو آهي، پاڪستان قومي اتحاد حاصل ڪرڻ ۽ سنڪيانگ، ريزانگ، هانگ ڪانگ ۽ ڏکڻ سمنڊ چين جي معاملن تي چين جي هر ڪوشش جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. ترجمان چيو ته چين پاڪستان جي خودمختياري، آزادي ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ جي لاءِ پنهنجي مستقل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. چين دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران کنيل جامع قدمن کي ساراهيو ۽ دهشتگردي جي خلاف ڪيترن ئي سالن دوران پاڪستان جي اهم حصيدارن ۽ عظيم قربانين کي مڪمل طور تي تسليم ڪيو. ڌرين پنهنجي ترقياتي منصوبن ۽ ترجيحن کي وڌيڪ هم آهنگ ڪرڻ ۽ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي اپ گريڊ ٿيل ورزن 2.0 جي تعمير تي اتفاق ڪيو جيڪو بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو هڪ اهم منصوبو آهي. هن چيو ته ٻنهي ڌرين گڏيل قومن جي چارٽر، عالمي قانون ۽ عالمي لاڳاپن کي ڪنٽرول ڪندڙ بنيادي اصولن تحت ڏکڻ ايشيائي علائقائي ترتيب جي اهميت جو ذڪر ڪندي هڪطرفي قدمن جي مخالفت جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي اهميت ۽ سمورن حل طلب تڪرارن کي ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت جي ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته پاڪستان چين کي ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال تي پنهنجي موقف ۽ تازه ترين اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. چين ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ڄمون ۽ ڪشمير تاريخ جو هڪ حل طلب تڪرار آهي ۽ ان کي گڏيل قومن جي چارٽر، سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ٻطرفي معاهدن موجب مناسب ۽ پرامن طريقي سان حل ڪرڻ گهرجي، ڌرين برابري ۽ گڏيل فائدي جي اصول تحت سرحد پار پاڻي وسيلن جي تعاون جي لاءِ راضپي جو اظهار ڪيو ۽ عالمي  قانوني  ذميوارين کي پورو ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ترجمان چيو ته عالمي ۽ علائقائي سلامتي ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ جي اهميت جو پڻ ورجاءُ ڪيو ويو، ٻنهي ڌرين نئين نتيجن جي فراهمي جي لاءِ چين – افغانستان – پاڪستان ٽه ڌريي پرڏيهي وزيرن واري ڳالهه ٻولهه ۽ چين – بنگلاديش – پاڪستان تعاون جي طريقيڪار مان فائدو کڻڻ جي لاءِ راضپي جو اظهار ڪيو. طاهر حسين اندرابي چيو ته ڌرين افغان مسئلي تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو جڏهن ته ٻنهي ڌرين افغانستان ۾ موجود سمورين دهشتگرد تنظيمن جي خاتمي جي لاءِ وڌيڪ واضح ۽ تصديق جوڳي قدمن تي زور ڏنو جيڪي علائقائي ۽ عالمي سلامتي جي لاءِ بدستور سنگين خطرن جو سبب آهن. هن چيو ته دهشتگرد تنظيمن کي افغان سرزمين کي ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال ڪرڻ ۽ ڪنهن ٻئي ملڪ کي خطري ۾ وجهڻ کان روڪڻ آهي.

مزید خبریں