راولپنڊي-08 جنوري (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان بنگلاديشي فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل حسن محمود خان جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، علائقائي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻه طرفي دفاعي ۽ عسڪري تعاون کي هٿي ڏيڻ جي مختلف پاسن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات …
چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان بنگلاديشي ايئر چيف جي، جي ايڇ ڪيو ۾ ملاقات، دفاعي تعاون وڌائڻ تي اتفاق

مزید خبریں
راولپنڊي-08 جنوري (اي پي پي) چيف آف ڊفينس فورسز ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان بنگلاديشي فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل حسن محمود خان جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، علائقائي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻه طرفي دفاعي ۽ عسڪري تعاون کي هٿي ڏيڻ جي مختلف پاسن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر موجب ملاقات ۾ پيشيوراڻي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، تربيتي وفدن جي مٽاسٽا ۾ واڌ ۽ دفاعي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ بابت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. معزز مهمان پاڪستان هٿياربند فوج جي اعليٰ پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ علائقائي امن، استحڪام لاءِ ان جي خدمتن جي ساراهه ڪئي. فيلڊ مارشل سيد عاصم منير بنگلاديش سان پائيدار دفاعي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي پُختي عزم کي ورجايو.











