اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته حڪومت سمورين وزارتن جي ڪارڪردگي جي ذريعي گورننس جي ماڊل کي بهتر کان بهتر ڪرڻ چاهي ٿي.پارلياماني معاملن واري وزارت جي هڪ سالن جي ڪارڪردگي جي رپورٽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏانهن موڪلي ويندي، وزارتن جي ڪارڪردگي رپورٽ جو مقصد خود احتسابي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ وزيرن کي پنهنجي ذميوارين جو …
وزارتن جي ڪارڪردگي جي رپورٽ جو مقصد خود احتسابي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ وزيرن کي پنهنجين ذميوارين جو پابند بڻائڻ آهي: وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري

مزید خبریں
اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي)پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته حڪومت سمورين وزارتن جي ڪارڪردگي جي ذريعي گورننس جي ماڊل کي بهتر کان بهتر ڪرڻ چاهي ٿي.پارلياماني معاملن واري وزارت جي هڪ سالن جي ڪارڪردگي جي رپورٽ وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏانهن موڪلي ويندي، وزارتن جي ڪارڪردگي رپورٽ جو مقصد خود احتسابي جي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۽ وزيرن کي پنهنجي ذميوارين جو پابند بڻائڻ آهي، پارلياماني معاملن واري وزارت جو ڪردار صرف شڪايت ۽ مسئلن جي حل تائين محدود ناهي پر اها سياسي ۽ عوامي نمائندگي جا موثر ذريعا به فراهم ڪندي آهي، حڪومت هر قسم جي ڳالهين لاءِ تيار آهي ڇاڪاڻ ته ڪنهن به مسئلي جو پائيدار حل ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي. گذريل ڏينهن هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته جنوري کان ڊسمبر 2025ع جي رپورٽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي پيش ڪئي ويندي ۽ ميڊيا ذريعي عوام کي به پيش ڪئي ويندي، اسان جو مقصد اهو آهي ته وزارتن جي ڪارڪردگي ذريعي حڪومت گورننس جي ماڊل کي وڌ کان وڌ بهتر ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري، پاور سيڪٽر، ميري ٽائيم افيئرز، مائنز اينڊ منرلز، پرڏيهي معاملن سميت موسمياتي تبديلين جي حوالي سان درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪارڪردگي بهتر نظر اچي رهي آهي، هن چيو ته حڪومت جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي ان حوالي سان قوم کي آگاهه ڪرڻ بي حد ضروري آهي. هن چيو ته سمورن وزيرن کي وزيراعظم پابند ڪيو آهي ته هڪ سال ۾ سندن وزارتن جيڪي هدف مقرر ڪيا آهن ان حوالي سان قوم کي آگاهه ڪيو وڃي. هن چيو ته پارلياماني معاملن واري وزارت جو ڪردار صرف شڪايت ۽ مسئنل جي حل تائين محدود ناهي پر هي سياسي ۽ عوامي نمائندگي جي موثر ذريعا به فراهم ڪندي آهي جنهن سان ملڪ ۾ جمهوري عمل، سياسي استحڪام ۽ شفافيت کي هٿي ملندي آهي. هن چيو ته مختلف وزارتن ۾ نمايان بهتري ۽ ترقي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ۽ ملڪي معيشت بهتري طرف گامزن آهي، هن چيو ته ڊسمبر 2025ع تائين جي وزارتن جي مڪمل ڪارڪردگي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي جنهن جا تفصيل ميڊيا ذريعي عوام آڏو به رکيا ويندا. ملڪ ۾ سياسي صورتحال جو ذڪر ڪندي هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف پهرين به ڳالهين جي حمايت ڪري چڪو آهي ۽ حڪومت اڄ به هر قسم جي ڳالهين لاءِ تيار آهي، ڪنهن به مسئلي جو پائيدار حل ڳالهين ۽ ڊائيلاگ ذريعي ئي ممڪن آهي. هن چيو ته پارلياماني معاملن واري وزارت اتحادي پارٽين سان مضبوط ۽ موثر رابطو قائم ڪري رکيو آهي جڏهن ته اتحادي پارٽين جون تجويزون ۽ خدشا سڌي ريت وزيراعظم تائين پهچايا ويندا آهن. هن چيو ته وزيراعظم ڪيترن ئي موقعن تي سياسي مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين کي اڻٽر قرار ڏنو. وفاقي وزير چيو ته ڳالهين کي سياست جو لازمي حصو ۽ قومي مسئلن جي حل جو ذريعو سمجهيو ويندو آهي، انهي مقصد تحت ڪميٽين کي خاص مينڊيٽ ڏنو ويندو آهي ته جيئن هو عوام ۽ مختلف سياسي پارٽين جي موثر نمائندگي ڪري سگهن.هن واضح ڪيو ته حڪومت ڳالهين لاءِ کليل ۽ مثبت پاليسي اختيار ڪئي آهي ته جيئن اختلافن ۽ مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجي.











