وزيراعظم شهباز شريف کي گورنر هائوس اچڻ تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل استقبال ڪيو

ڪوئيٽا - 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي گورنر هائوس اچڻ تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گورنر هائوس ۾ وزيراعظم سان بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بلوچستان جي گورنر وزيراعظم کي بلوچستان …

ڪوئيٽا – 08 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف کي گورنر هائوس اچڻ تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گورنر هائوس ۾ وزيراعظم سان بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بلوچستان جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بلوچستان جي گورنر وزيراعظم کي بلوچستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن ۽ انهن ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ بلوچستان جو وڏو وزير مير سرفراز احمد بگٽي، وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال، عليم خان، راڻا ثناءُ الله ۽ بلوچستان جا سياسي اڳواڻ پڻ موجود هئا.

مزید خبریں