راولپنڊي-08 جنوري (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشان امتياز (ملٽري)، هلال جرئت لاهور گيريزن جو دورو ڪيو، جتي کيس فارميشن جي آپريشنل تياري، تربيتي معيار ۽ جنگي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ کنيل اهم قدمن تي جامع بريفنگ ڏني وئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف …
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پاران لاهور گيريزن جو دورو، فارميشن جي آپريشنل تياري، تربيتي معيار ۽ جنگي صلاحيت ۾ اضافي بابت اهم قدمن تي جامع بريفنگ

مزید خبریں
راولپنڊي-08 جنوري (اي پي پي) چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير نشان امتياز (ملٽري)، هلال جرئت لاهور گيريزن جو دورو ڪيو، جتي کيس فارميشن جي آپريشنل تياري، تربيتي معيار ۽ جنگي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ کنيل اهم قدمن تي جامع بريفنگ ڏني وئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز ان موقعي تي هڪ خاص فيلڊ ٽريننگ ايڪسرسائيز جو پڻ مشاهدو ڪيو جنهن ۾ جديد ترين ٽيڪنالاجيز جو عملي مظاهرو ڪيو ويو. اها مشق مستقبل جي متحرڪ جنگي ميدان سان هم آهنگ هجڻ لاءِ پاڪ فوج جي جدت ۽ هڪجهڙائي تي ٻڌل حڪمت عملي جي عڪاسي هئي. هن فوجي جوانن لاءِ فراهم ڪيل راندين ۽ تفريحي سهولتن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ جسماني فٽنيس، حوصلي ۽ مجموعي بهتري لاءِ انهن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز سي ايم ايڇ لاهور ۾ قائم هاءِ ڪيئر سينٽر جو پڻ دورو ڪيو ۽ جديد سهولتن واري ان معياري طبي مرڪز جي قيام تي طبي عملي ۽ انتظاميه جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. آفيسرن کي خطاب ڪندي هن قومي سلامتي کي درپيش ڪنهن به خطري خلاف پاڪ فوج جي زيروٽالرنس پاليسي تي زور ڀريو ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته ادارو پيشيوراڻي مهارت ۽ عزم سان چئلينجن جو مقابلو ڪندو. هن پاڪ فوج جي بنيادي مشن کي ورجائيندي چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ملڪ جي خودمختياري، علائقائي سلامتي ۽ داخلي استحڪام جي تحفظ لاءِ پرعزم آهي ۽ گڏوگڏ اعليٰ معيار، نظم ۽ ضبط ۽ بي لوث قومي خدمت جي ڪلچر کي هٿي ڏئي رهي آهي، ان کان اڳ لاهور گيريزن اچڻ تي ڪور ڪمانڊر لاهور چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جو استقبال ڪيو.











