اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سعودي عرب جي سرڪاري دوري دوران رائل سعودي ايئر فورس جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل ترڪي بن بندر بن عبدالعزيز، ۽ چيف آف جنرل اسٽاف، جنرل فياض بن حميد الرويلي سان ملاقات ڪئي. پاڪ فضائيه جي سربراهه جي آمد تي کيس رائل سعودي ايئر فورس جي چست جٿي طرفان گارڊ آف آنر پيش ڪندي تاريخي …
پاڪ فضائيه جي سربراهه جي سعودي عرب جي اعليٰ عسڪري قيادت سان ملاقات، پيشيور مهارتن جي مٽاسٽا ذريعي گڏيل رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي زور

مزید خبریں
اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو سعودي عرب جي سرڪاري دوري دوران رائل سعودي ايئر فورس جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل ترڪي بن بندر بن عبدالعزيز، ۽ چيف آف جنرل اسٽاف، جنرل فياض بن حميد الرويلي سان ملاقات ڪئي. پاڪ فضائيه جي سربراهه جي آمد تي کيس رائل سعودي ايئر فورس جي چست جٿي طرفان گارڊ آف آنر پيش ڪندي تاريخي ۽ شاندار استقبال ڪيو ويو. پاڪ فضائيه جي ترجمان طرفان گذريل ڏينهن جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻطرفي تعاون، علائقائي سلامتي جي موجوده صورتحال ۽ مستقبل ۾ دفاعي سهڪار جي امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي ملڪن جي فضائي سربراهن موجوده تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي تربيت، آپريشنل، سهڪار ۽ پيشيوراڻين مهارتن جي مٽاسٽا ذريعي گڏيل رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي زور ڀريو. پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ دفاعي معاهدي کي گڏيل اعتماد، اسٽريٽجڪ هم آهنگي ۽ پائيدار ڀائراڻن لاڳاپن جي واضح توثيق جو عملي نمونو قرار ڏنو ويو. ڌرين دفاعي تعاون جا نوان امڪان ڳوليندي سهڪاري عمل جي دائري کي وڌائڻ تي پڻ اتفاق ڪيو، پاڪ فضائيه جي سربراهه ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل ديني قدرن، احترام ۽ اسٽريٽجڪ هم آهنگي تي ٻڌل تاريخي ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪندي ٻطرفي گهڻ قومي مشقن ذريعي عسڪري تعاون کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن تازن سالن ۾ پاڪ فضائيه جي هڪ مضبوط ملٽي ڊومين فورس ۾ ارتقا کي به پڻ اجاگر ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته مئي 2025ع جي جنگ دوران خلا، اليڪٽرانڪ وار فيئر، سائبر، مخصوص ٽيڪنالاجيز ۽ مصنوعي ذهانت جي ڊوميزن جو استعمال فيصلائتو ثابت ٿيو. جيڪو پاڪ فضائيه جي آپريشنل صلاحيت، هڪجهڙائي ۽ عسڪري تاثير جي عڪاسي ڪري ٿو. سعودي دفاعي قيادت ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط، ڀائيچاري واري رشتي جي واکاڻ ڪندي ٻنهي ملڪن جي فضائي فوج وچ ۾ قائم ويجهن ۽ پراڻن رابطن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. سعودي عسڪري قيادت پاڪ فضائيه جي پيشيوراڻي مهارت، آپريشنل برتري ۽ حربي تيارين کي خراج تحسين پيش ڪندي هوابازي ۽ ايرو اسپيس صنعت ۾ ان جي وڌندڙ مقامي صلاحيتن جو پڻ اعتراف ڪيو. پاڪ فضائيه جي سربراهه جو سعودي عرب جو اهو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ پائيدار اسٽريٽجڪ حصيداري جي استحڪام ۽ فعال هجڻ جو ثبوت آهي. اهو دورو دفاع ۽ هوابازي جي شعبن ۾ وڌندڙ تعاون ذريعي ٻطرفي اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جي عڪاسي آهي.











