اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ نوجوانن ۾ علم تي ٻڌل معيشت جي جوڙجڪ تي زور ڀريندي چيو آهي ته وزيراعظم يوٿ ليپ ٽاپ اسڪيم جو مقصد شاگردن کي جديد تعليمي وسيلا فراهم ڪرڻ آهي، تعليم ۽ ٽيڪنالاجي ملڪي ترقي جو بنياد آهن، جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ وقت جي …
وزيراعظم يوٿ ليپ ٽاپ اسڪيم جو مقصد شاگردن کي جديد تعليمي وسيلا فراهم ڪرڻ آهي: وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ

مزید خبریں
اسلام آباد-08 جنوري (اي پي پي) موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ نوجوانن ۾ علم تي ٻڌل معيشت جي جوڙجڪ تي زور ڀريندي چيو آهي ته وزيراعظم يوٿ ليپ ٽاپ اسڪيم جو مقصد شاگردن کي جديد تعليمي وسيلا فراهم ڪرڻ آهي، تعليم ۽ ٽيڪنالاجي ملڪي ترقي جو بنياد آهن، جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي، نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ڪامسيٽس يونيورسٽي ۾ منعقد وزيراعظم يوٿ ليپ ٽاپ اسڪيم جي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته توهان کي جيڪي ليپ ٽاپ ڏئي رهيا آهيون انهن جو ڪو ٻيو مقصد ناهي صرف انسانيت جي خدمت آهي ۽ شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏيڻ جو مقصد ڪتاب پڙهڻ واري مقصد کان ڌار ناهي، توهان گريجوئيشن کانپوءِ ڪم ڪندا ۽ اوهان کي اڳ ۾ ئي اهو معلوم نه هوندو ته ڇا سکڻ گهرجي ۽ ڪهڙي رخ ۾ وڃڻو آهي. هن چيو ته شاگردن کي ڊجيٽل مهارتن سان ليس ڪرڻ قومي ترجيح آهي. نوجوانن کي تحقيق طرف آڻڻ ضروري آهي، ليپ ٽاپ اسڪيم جو مقصد تحقيق، جدت ۽ سکڻ وارن موقعن ۾ اضافو ڪرڻ آهي ۽ ان اسڪيم ذريعي نوجوانن جي مهارتن کي نکارڻ جو موقعو ملي ٿو. هن چيو ته ٽي سال اڳ حالتون ڪجهه ٻيون هيون، هڪ وقت هو جڏهن موبائيل فون نه هوندا هئا، يقينن ڪجهه بدليو آهي، هتي اصل ڳالهه وقت جي تياري آهي، بدلجندڙ وقت لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ آهي. يونيورسٽي صرف بس ۽ عمارت جو نالو ناهي پر اها ان قابل بڻائي ٿي ته توهان هڪ اهڙي مستقبل ۾ قدم رکي سگهو جنهن کي اوهان ڏٺو به ناهي. هي تياري غير يقيني حالتن ۾ فيصلو ڪرڻ جي آهي، ڪاميابي ۽ ناڪامي ٻنهي کي قبول ڪيو ۽ ٻنهي حالتن ۾ جيئن جو حوصلو رکو.











