اسلام آباد-08 جنوري(اي پي پي)اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي اثرائتي، مربوط ۽ فيصلائتي سهولتڪاري جي نتيجي ۾ توانائي جي شعبي ۾ هڪ اهم سنگ ميل پار ڪري ورتو آهي، جنهن سان پاڪستان جي صنعتي ۽ معاشي ترقي کي مضبوط بنياد فراهم ٿيو آهي. ايس آءِ ايف سي اختيارين مطابق نيشنل گرڊ ڪمپني آف پاڪستان (اين جي سي) شيخوپوره ۾ 220 ڪي وي قائداعظم بزنس پارڪ گرڊ …
ايس آءِ ايف سي جي جامع سهولتڪاري سان توانائي جي شعبي ۾ وڏي اڳڀرائي، شيخوپوره اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ 220 ڪي وي قائداعظم بزنس پارڪ گرڊ اسٽيشن فعال

مزید خبریں
اسلام آباد-08 جنوري(اي پي پي)اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي اثرائتي، مربوط ۽ فيصلائتي سهولتڪاري جي نتيجي ۾ توانائي جي شعبي ۾ هڪ اهم سنگ ميل پار ڪري ورتو آهي، جنهن سان پاڪستان جي صنعتي ۽ معاشي ترقي کي مضبوط بنياد فراهم ٿيو آهي. ايس آءِ ايف سي اختيارين مطابق نيشنل گرڊ ڪمپني آف پاڪستان (اين جي سي) شيخوپوره ۾ 220 ڪي وي قائداعظم بزنس پارڪ گرڊ اسٽيشن کي ڪاميابي سان فعال ڪري ڇڏيو آهي. گرڊ اسٽيشن شيخوپوره اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ قائم وڏن صنعتي صارفين جي وڌندڙ توانائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ اسٽريٽجڪ اهميت رکي ٿو. 4 ارب روپين کان وڌيڪ خرچ سان مڪمل ٿيل اهو منصوبو ملڪ جو پهريون گرڊ اسٽيشن آهي جيڪو خاص طور تي ڪنهن اسپيشل اڪنامڪ زون لاءِ ڪميشن ڪيو ويو آهي. ان منصوبي تحت صنعتي صارفين کي بنا رڪاوٽ ۽ اعتماد جوڳي بجلي جي فراهمي ممڪن ٿيندي جنهن سان پيداواري سرگرمين ۾ اضافو ۽ ڪاروباري خرچ ۾ گهٽتائي ايندي. اها جديد گرڊ اسٽيشن بجلي جي نظام جي استحڪام، وولٽيج ۾ بهتر توازن ۽ وڏي صنعتي بار جي برداشت کي يقيني بڻائيندي. ان کان علاوه ان سان شيخوپوره، ڪالاشاهه ڪاڪو، بندالا (فيصل آباد) ۽ ويجهن صنعتي علائقن جي موجوده گرڊ اسٽيشنن تي دٻاءُ ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. اين جي سي جي منيجنگ ڊائريڪٽر انجينيئر الطاف حسين ملڪ مطابق خاص اقتصادي زونز لاءِ جديد پاور انفراسٽرڪچر سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، صنعتي توسيع ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. قائداعظم بزنس پارڪ گرڊ اسٽيشن کي ڊگهي مدي واري صنعتي ترقي ۽ جامع سماجي ۽ معاشي گهرجن کي نظر ۾ رکندي ڊيزائن ڪيو ويو آهي. بجلي جي بهتر فراهمي ۽ فني نقصانن ۾ گهٽتائي سبب صنعتي صارفين کي گهٽ رڪاوٽ، وڌيڪ پيداواري صلاحيت ۽ خرچ ۾ نمايان بچت حاصل ٿيندي، جيڪا ملڪي معيشت لاءِ هاڪاري اثرن جو سبب بڻجندي. واضح رهي ته اين جي سي طرفان ڊسمبر ۾ 500 ڪي وي لاهور نارٿ گرڊ اسٽيشن جي فعال ٿيڻ سان به پنجاب جو هاءِ وولٽيج فراهمي وارو نظام وڌيڪ مستحڪم ٿيو آهي.











