اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، پنجاب، مٿانهين سنڌ ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو جو امڪان آهي. پوٺوهار خطي ۽ ڪشمير ۾ صبح جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي …
ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

مزید خبریں
اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته جابلو علائقن ۾ شديد ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، پنجاب، مٿانهين سنڌ ۽ خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو جو امڪان آهي. پوٺوهار خطي ۽ ڪشمير ۾ صبح جي وقت ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم ٿڌي ۽ خشڪ، جڏهن ته مٿانهين وارن علائقن ۾ شديد ٿڌ رهي. پنجاب، هيٺاهين خيبر پختونخوا ۽ مٿانهين سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ وچولي کان شديد ڪوهيڙو ڇانئيل رهيو، جڏهن ته پوٺوهار خطي ۽ ڪشمير ۾ ڪجهه هنڌن تي ڪوهيڙو رهيو. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ۾ ڪاٽو 13، زيارت، استور ۾ ڪاٽو 09، قلات ۾ ڪاٽو 08، ڪالام، اسڪردو ۾ ڪاٽو 07، هنزه ۾ ڪاٽو 06، نٿياگلي، گوپس ۾ ڪاٽو 05، ڪوئيٽا ۽ دير ۾ ڪاٽو 04 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.











