نائب وزيراعظم اسحاق ڊار سان ڊاماڪ گروپ جي شريڪ مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ پريپڪو جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي وفد سان گڏ ملاقات

اسلام آباد - 07 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڊاماڪ گروپ جي شريڪ مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ پريپڪو جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اميره حسين سجواڻي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي پرڏيهي سيڙپڪاري سميت پاڪستان جي معاشي صلاحيتن مان فائدو کڻندي اهم شعبن ۾ پائيدار ترقي جي فروغ ۽ جديد مالياتي ذريعن ۽ سيڙپڪاري …

اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ڊاماڪ گروپ جي شريڪ مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ پريپڪو جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر اميره حسين سجواڻي وفد سان گڏ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي پرڏيهي سيڙپڪاري سميت پاڪستان جي معاشي صلاحيتن مان فائدو کڻندي اهم شعبن ۾ پائيدار ترقي جي فروغ ۽ جديد مالياتي ذريعن ۽ سيڙپڪاري جي طريقيڪار تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪاروبار دوست ماحول قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم کي اجاگر ڪيو ۽ جدت ۽ ترقي جي فروغ جي لاءِ نجي شعبي جي ڀرپور شموليت جي حوصلا افزائي ڪئي.

مزید خبریں