اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جي صدارت هيٺ ٿيل 38 هين بين الصوبائي تعليم وارن وزيرن جي ڪانفرنس ۾ ڊگهي مشاورت بعد نيشنل ايجوڪيشن ايمرجنسي ايڪشن پلان ۽ ٻين تعليمي منصوبن جي متفقه منظوري ڏني وئي آهي. وزيرن جي ڪانفرنس ۾ مملڪتي وزير وجيهه قمر، تعليم واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري فرح ناز اڪبر، تعليم واري سيڪريٽري نديم محبوب، سنڌ …
وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جي صدارت هيٺ 38 هين بين الصوبائي تعليم وارن وزيرن جي ڪانفرنس،ڊگهي مشاورت بعد نيشنل ايجوڪيشن ايمرجنسي ايڪشن پلان ۽ ٻين تعليمي منصوبن جي متفقه منظوري ڏني وئي

مزید خبریں
اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي جي صدارت هيٺ ٿيل 38 هين بين الصوبائي تعليم وارن وزيرن جي ڪانفرنس ۾ ڊگهي مشاورت بعد نيشنل ايجوڪيشن ايمرجنسي ايڪشن پلان ۽ ٻين تعليمي منصوبن جي متفقه منظوري ڏني وئي آهي. وزيرن جي ڪانفرنس ۾ مملڪتي وزير وجيهه قمر، تعليم واري وفاقي پارلياماني سيڪريٽري فرح ناز اڪبر، تعليم واري سيڪريٽري نديم محبوب، سنڌ جي بورڊ ۽ يونيورسٽين واري وزير محمد اسماعيل راهو، بلوچستان جي تعليم واري وزير راحيله حميد دراني، گلگت بلتستان سميت صوبن جي تعليم وارن سيڪريٽريز، پنجاب جي تعليم واري وزير راڻا اقبال سڪندر ۽ ڪي پي ڪي جي تعليم واري وزير ارشد ايوب خان (وڊيو لنڪ)، فيڊرل بورڊ جي چيئرمين اڪرم علي ملڪ، آءِ بي سي سي جي اي ڊي غلام علي ملهي، قومي رحمته للعالمين اٿارٽي جي چيئرمين خورشيد احمد نديم ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي تعليمي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ وفاق جي سطح تي هڪ خصوصي چئلينج فنڊ جي حوالي سان به شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ويو جنهن ذريعي وفاقي حڪومت سمورن صوبن کي ان قومي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد فراهم ڪندي. ان تاريخي موقعي تي سمورين وفاقي وحدتن سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ، اسڪولن ڏانهن ٻارن جي واپسي ۽ عالمي معيار جي امتحاني ۽ نصابي سڌارن تي مڪمل اتفاق راءِ جو اظهار ڪيو، جنهن جو بنيادي مقصد پاڪستان جي هر ٻار کي هڪجهڙي ۽ معياري تعليم تائين پهچ فراهم ڪرڻ آهي. پنجاب جي تعليم واري وزير راڻا سڪندر ڪانفرنس کي ٻڌايو ته صوبي ۾ 1.8 ملين اسمڪولن کان ٻاهر ٻارن جي گهٽتائي ڪرڻ ۽ 10 هزاراسڪولن جي آئوٽ سورسنگ ڪئي وئي . سنڌ جي وزير محمد اسماعيل راهو ٻڌايو ته 93 هزار استادن جي ميرٽ تي ڀرتي ۽ اسڪولن جي اپ گريڊيشن مڪمل ٿي چڪي آهي، بلوچستان جي تعليم واري وزير راحيله حميد دراني ٻڌايو ته صوبي ۾ 32 سئو بند اسڪول بحال ڪري هڪ لک 40 هزار ٻارن کي تعليمي ڌارا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. ڪي پي ڪي جي تعليم واري وزارت 10 هزار استاد ڀرتي ۽ 15 سئو اسڪول آئوٽ سورسنگ سان انرولمينٽ ۾ 6 سيڪڙو واڌ جي تصديق ڪئي. آزاد ڪشمير جي وزير ملڪ ظفر ٻڌايو ته ايل او سي جي چئلينجز باوجود 10 هزار نون ڪلاس رومن لاءِ 7 ارب روپيا رکيا ويا آهن، گلگت بلتستان اسڪولن کان ٻاهر ٻارن لاءِ خصوصي فنڊ قائم ڪيو ۽ استادن جي ڀرتي ۽ اسڪول پروگرام کي سمورن ضلعن تائين پکيڙڻ جي قدمن کان آگاهه ڪيو. تعليم واري وفاقي سيڪريٽري نديم محبوب چيو ته انهن سمورن منصوبن کي حتمي توثيق وزيراعظم جي صدارت هيٺ ايجوڪيشن ايمرجنسي ٽاسڪ فورس ڪندي. هن ميٽرڪ ۽ انٽر ٽيڪ پروگرام کي عالمي معيار موجب بدلائڻ ۽ فيڊرل بورڊ جي سڌارن واري پروگرام مان سمورن صوبن کي فائدو حاصل ڪرڻ جي دعوت ڏني. پي آءِ ِاي جي ڊي جي ڊاڪٽر محمد شاهد سرويه بريفنگ ڏني ته نيشنل ايڪشن پلان 6 مهينن جي محنت ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مشاورت سان تيار ڪيو ويو آهي ته جيئن 25 ملين اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي چئلينج کي منهن ڏئي سگهجي. اجلاس جي پڄاڻي تي وفاقي وزير خالد مقبول صديقي 38 هين بين الصوبائي تعليم وارن وزيرن جي ڪانفرنس ڪامياب نموني منعقد ٿيڻ تي سمورن صوبائي وزيرن، سيڪريٽرين ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي مبارڪون ڏنيون. هن ان ڪانفرنس کي قومي هم آهنگي ۽ مثالي ڀائيواري جو سنگ ميل قرار ڏيندي چيو ته سمورن وفاقي وحدتن جو هڪ پليٽ فارم تي گڏجڻ تعليمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پختي عزم جي علامت آهي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته موجوده هم آهنگي کي برقرار رکندي اسان کي اڳتي وڌڻو آهي ته جيئن تعليم جي بدلجندڙ عالمي معيار موجب پنهنجي ملڪ کي هم آهنگ ڪري سگهجي. هن عزم ورجايو ته غير رسمي تعليم، ڏورانهن علائقن تائين پهچ، مدرسن جي شاگردن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ، اسان جي پهرين ترجيح آهي ۽ اسان سڀ گڏجي گڏيل ڪوششن سان وسيلن جي کوٽ کي ختم ڪري قومي تعليمي بياني کي حقيقت جو روپ ڏينداسين.











