اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعتن ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر فارچون 500 چيني ڪمپني شيامن سي اينڊ ڊي جي نمائندن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڪمپني پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. صنعتن ۽ پيداوار واري وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ايڪسپورٽ پروسينگ زون اٿارٽي (اي پي زيڊ اي) فريد ون اڪرم شيخ ۽ اي پي …
وزيراعظم جي صنعتن ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر جي فارچون 500 چيني ڪمپني شيامن سي اينڊ ڊي جي نمائندن سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي صنعتن ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر فارچون 500 چيني ڪمپني شيامن سي اينڊ ڊي جي نمائندن سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڪمپني پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. صنعتن ۽ پيداوار واري وزارت پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ايڪسپورٽ پروسينگ زون اٿارٽي (اي پي زيڊ اي) فريد ون اڪرم شيخ ۽ اي پي زيڊ اي جي بورڊ ميمبرن به شرڪت ڪئي. ملاقات دوران شيامن سي اينڊ ڊي پاڪستان جي آٽو موبائيل، اسٽيل ۽ آئرن سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري ۾ ڀرپور دلچسپي ظاهر ڪئي. هارون اختر چيو ته شيامن سي اينڊ ڊي هڪ عالمي ناليواري ڪمپني آهي جيڪا عالمي سپلائي چين، اسٽيل، معدنيات، آٽوموٽو، رئيل اسٽيٽ، عالمي واپار ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ وڏو مقام رکي ٿي. حڪومتي ترجيحن تي روشني وجهندي خاص مددگار چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو ويزن پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي. هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم جي هاڻوڪي چين جي دوري کانپوءِ پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. هارون اختر ان ڳالهه جي خاطري ڪرائي ته چيني سيڙپڪارن کي مڪمل حڪومتي سهولتون ۽ تعاون فراهم ڪيو ويندو ۽ وزيراعظم جي هدايت تحت قومي صنعتي پاليسي صنعتن ۽ سيڙپڪارن کي وڌيڪ بااختيار بڻائيندي. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت شيامن سي اينڊ ڊي سان گڏجي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي موقعن کي هٿي ڏيندي. شيامن سي اينڊ ڊي جي پاڪستان آمد سان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، صنعتي ترقي کي هٿي ملندي ۽ ملڪي معيشت ۽ صنعتي بنياد وڌيڪ مضبوط ٿيندا.











