اسلام آباد- 07 جنوري (اي پي پي)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينھن تيزي جو رجحان برقرار رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1456.61 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 186518.71 پوائنٽس تي بند ٿيو جيڪو نئون رڪارڊ آهي. ڪاروبار دوران هڪ مرحلي تي انڊيڪس هڪ لک 87 هزار پوائنٽس جي نفسياتي حد کي به پار ڪري ويو هو، گذريل ڏينهن 563 ڪمپينن جي 1329.48 ملين شيئرز جي ليتي ڏيتي ٿي جنهن …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رجحان برقرار، 100 انڊيڪس 1456.61 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 186518.71 پوائنٽس تي بند

مزید خبریں
اسلام آباد- 07 جنوري (اي پي پي)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اربع ڏينھن تيزي جو رجحان برقرار رهيو ۽ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1456.61 پوائنٽس جي اضافي کانپوءِ 186518.71 پوائنٽس تي بند ٿيو جيڪو نئون رڪارڊ آهي. ڪاروبار دوران هڪ مرحلي تي انڊيڪس هڪ لک 87 هزار پوائنٽس جي نفسياتي حد کي به پار ڪري ويو هو، گذريل ڏينهن 563 ڪمپينن جي 1329.48 ملين شيئرز جي ليتي ڏيتي ٿي جنهن جي ماليت 86.58 ارب رپيا هئي. 299 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 161 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 103 ڪمپينن جي شيئرز جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 21.43 ارب رپين جا سودا طئي ٿيا. ڪي اليڪٽرڪ جي 77888594 شيئرز، حيسڪول 58647439 شيئرز ۽ بئنڪ آف پنجاب جي 54525966 شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي. ايل ايس وي وينچر لميٽيڊ، ديوان آٽو موٽيو انجينئرنگ ۽ سروس انڊسٽريز ٽيڪسٽائل سرفهرسٽ ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.











