اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص هدايتن تي 2026ع جي سانوڻي جي برساتن کان اڳ سڄي ملڪ ۾ تعميرات کي محفوظ بڻائڻ ۽ آفتن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اين ڊي ايم اي، وڏي پيماني تي قدمن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ اين ڊي ايم اي هيڊڪوارٽرز ۾ ”نيشنل انفراسٽرڪچر آڊٽ پروگرام“ 2026ع جي باضابطا شروعات لاءِ هڪ خصوصي سيمينار منعقد ڪيو ويو. …
اين ڊي ايم اي پاران مون سون 2026ع کان اڳ سڄي ملڪ ۾ تعميرات کي محفوظ بڻائڻ ۽ آفتن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ قدمن جي شروعات

مزید خبریں
اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص هدايتن تي 2026ع جي سانوڻي جي برساتن کان اڳ سڄي ملڪ ۾ تعميرات کي محفوظ بڻائڻ ۽ آفتن جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ اين ڊي ايم اي، وڏي پيماني تي قدمن جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ اين ڊي ايم اي هيڊڪوارٽرز ۾ ”نيشنل انفراسٽرڪچر آڊٽ پروگرام“ 2026ع جي باضابطا شروعات لاءِ هڪ خصوصي سيمينار منعقد ڪيو ويو. هائوسنگ واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده، سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته قدرتي آفتن سبب ٿيندڙ نقصانن جو بنيادي سبب غير معياري ۽ بنا منصوبه بندي جي ڪيل تعميرات آهن. هن زور ڀريو ته آفتن کانپوءِ امدادي ڪارروائين جي بدران هاڻي اسان کي اڳواٽ تحفظ ۽ خطرن جي فوري سڃاڻپ تي ڌيان ڏيڻو هوندو، اهو پروگرام تعميرات کي محفوظ بڻائڻ ۽ نقصانن کي گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، ان موقعي تي چيو ته ان پروگرام جو مقصد وفاقي ۽ صوبائي ادارن وچ ۾ موثر هم آهنگي ۽ مربوط حڪمت عملي کي هٿي ڏيڻ آهي. هن، واضح ڪيو ته انفراسٽرڪچر آڊٽ ۾ جديد فني اصولن ۽ ڊجيٽل رپورٽنگ سسٽم کي استعمال ڪيو ويندو ته جيئن شفافيت ۽ معيار کي يقيني بڻائي سگهجي. اهو آڊٽ پروگرام وزيراعظم آفيس مان منظور ٿيل آهي، جيڪو وفاقي ۽ صوبائي سطح تي هڪجهڙو لاڳو ٿيندو. سمورن ادارن، عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ ان پروگرام جي گڏيل لاڳو ٿيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.











