اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پاڪستان جي اسٽريٽجڪ بيهڪ عالمي واپار ۽ علائقائي رابطن لاءِ غير معمولي اهميت رکي ٿي. اهڙو اظهار هن يو ايس پاڪستان بزنس الائنس جي لانچنگ تقريب ۾ خاص مهمان طور ڪيو. تقريب ۾ ايف پي سي سي آءِ جي صدر عاطف اڪرام شيخ، صنعت ۽ پيداوار واري خاص صلاحڪار هارون اختر خان ۽ …
پاڪستان جي اسٽريٽجڪ بيهڪ عالمي واپار ۽ علائقائي رابطن لاءِ غير معمولي اهميت رکي ٿي: قيصر احمد شيخ

مزید خبریں
اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پاڪستان جي اسٽريٽجڪ بيهڪ عالمي واپار ۽ علائقائي رابطن لاءِ غير معمولي اهميت رکي ٿي. اهڙو اظهار هن يو ايس پاڪستان بزنس الائنس جي لانچنگ تقريب ۾ خاص مهمان طور ڪيو. تقريب ۾ ايف پي سي سي آءِ جي صدر عاطف اڪرام شيخ، صنعت ۽ پيداوار واري خاص صلاحڪار هارون اختر خان ۽ يو ايس سفارتخاني جي سفارتڪارن به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي اسٽريٽجڪ بيهڪ عالمي واپار ۽ علائقائي رابطن لاءِ غير معمولي اهميت رکي ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ واپاري ۽ معاشي ناتا نئين رُخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن ۽ ٽرمپ جي دؤر ۾ پاڪ- آمريڪا ناتن ۾ نئون جوش ڏسڻ ۾ آيو آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ معدنيات، ريئر ارٿ ميٽلز، ٽيڪنالاجي، آءِ ٽي، توانائي ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جا بي پناهه موقعا موجود آهن. هن يلي يونيورسٽي جي شاگردن جي پاڪستان اچڻ کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو ته تعليمي ۽ تحقيقي رابطا ٻه طرفي سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. قيصر احمد شيخ چيو ته يو ايس پاڪستان بزنس الائنس کي بورڊ آف انويسٽمينٽ ۾ باقاعده رجسٽرڊ ڪيو ويندو ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هن چيو ته پاڪستان ۾ بزنس فيسليٽيشن سينٽر سيڙپڪارن کي ون ونڊو حل فراهم ڪري رهيو آهي جنهن سان ڪاروباري لاڳت ۽ وقت ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي. وفاقي وزير چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد سان معيشت مضبوط ٿي رهي آهي ۽ هاڪاري اهڃاڻ حڪومت جي سيڙپ دوست پاليسين جو ثبوت آهن. هن يو ايس پاڪستان بزنس الائنس جي ڪاميابيءَ لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته سيڙپڪاريءَ کي هٿي وٺرائڻ ۽ سيڙپڪارن جي سهولتن لاءِ بورڊ آف انويسٽمينٽ پنهنجي عزم تي قائم آهي.











