پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ واڌ

اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب اربع ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ 01 پئسي جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 280 روپيا 06 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 74 رپيا 67 پئسا، جڏهن ته بحرين جي دينار جو اگهه 742 رپيا 91 پئسا رهيو. ساڳي طرح عمان جي …

اسلام آباد-07 جنوري (اي پي پي) پاڪستان جي انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب اربع ڏينهن انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ پاڪستاني رپئي جي قيمت ۾ 01 پئسي جي واڌ رڪارڊ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 280 روپيا 06 پئسا ٿي وئي آهي. انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ سعودي ريال جو اگهه 74 رپيا 67 پئسا، جڏهن ته بحرين جي دينار جو اگهه 742 رپيا 91 پئسا رهيو. ساڳي طرح عمان جي ريال جو انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ اگهه 727 رپيا 45 پئسا رهيو، ڪويت جي دينار جو 916 رپيا 73 پئسا ۽ قطر جي ريال جي قيمت 76 رپيا 83 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي. ٻئي پاسي اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي خريد واري قيمت 280 رپيا 75 پئسا ۽ وڪرو 282 رپيا 80 پئسا رڪارڊ ڪئي وئي.

مزید خبریں